تاشقند – 25 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيايوف جي خصوصي دعوت تي 2 ڏينهن جي دوري تي تاشقند پهچي ويو. ازبڪستان جي وزيراعظم عبدالله عاريپوف، ازبڪ پرڏيهي وزير بختيار سيدوف، تاشقند جي ميئر شوڪت عمرزاڪوف، ازبڪستان جي پاڪستان ۾ سفير علي شير تختائيف ۽ پاڪستان جي ازبڪستان ۾ سفير احمد فاروق سميت اعليٰ سفارتي ۽ سرڪاري اهلڪارن وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم تاشقند ۾ يادگار آزادي جو دورو ڪندو جتي وزيراعظم گلن جي چادر چاڙهي ازبڪستان جي عظيم تاريخي شخصيتن کي خراج عقيدت ۽ ازبڪستان جي تعمير ۽ ترقي، غيرتمند ۽ محنت ازبڪ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندو. وزيراعظم کي ان موقعي تي يادگار تي تعمير ڪيل ازبڪستان جي 3000 سالن جي تاريخ جي منبت ڪاري جو دورو ڪرايو ويندو ۽ بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم دوري دوران ازبڪ صدر شوڪت مرزيايوف سان ٻطرفي ملاقات پڻ ڪندو جنهن ۾ ازبڪستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ علائقائي رابطن، واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، سلامتي، علائقائي استحڪام ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون جي وڌيڪ فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ٿيندي. ملاقات کانپوءِ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي پڻ صحيحون ٿينديون. پاڪستان ۽ ازبڪستان جي ڪاروباري ۽ سيڙپڪار برادري جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ تاشقند ۾ پاڪستان ۽ ازبڪستان بزنس فورم پڻ منعقد ٿيندو جنهن ۾ وزيراعظم شرڪت ڪندو ۽ خطاب پڻ ڪندو. وزيراعظم ازبڪستان جي تعميري صنعت جي مشاهدي جي لاءِ تاشقند ۾ قائم ٽيڪنڪو – پارڪ جو دورو پڻ ڪندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري وارو واقي وزير عبدالعليم خان، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزيراعظم جي ازبڪستان جي دوري ۾ پاڪستاني وفد ۾ شامل آهن.