باڪو – 25 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي دوري کانپوءِ باڪو کان ازبڪستان جي 2 ڏينهن جي دوري تي تاشقند روانو ٿي ويو. آذربائيجان جي اول نائب وزيراعظم يعقوب عبدالله اوعلو ايوبوف، نائب پرڏيهي وزير يالچين رفائيف، پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير خضر فرخادوف، آذربائيجان ۾ پاڪستان جي سفير قاسم محي الدين ۽ اعليٰ سفارتي ۽ سرڪاري اهلڪارن وزيراعظم کي الوداع ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم جي ازبڪستان ۾ گڏ هوندا.