باڪو – 25 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي ”آسان خدمت مرڪز“ ۾ عوامي خدمتن جي فراهمي جي سهولتن کي ساراهيندي چيو آهي ته آسان خدمت مرڪز جي طرز تي پاڪستان ۾ به مرڪز قائم آهن، عوامي خدمتن جي فراهمي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي آذربائيجان جي تجربن مان فائدو کڻنداسين. عوامي ڀلائي جي مرڪز ”آسان خدمت“ جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هي مرڪز آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دورانديشي جو مظهر آهي، ان مرڪز ۾ سموريون جديد سهولتون ميسر آهن، هي ماڊل عوامي خدمت جي شفاف، جوابده ۽ موثر فراهمي کي يقيني بڻائي ٿو. اسان اسٽارٽ اپس سينٽر جو پڻ دورو ڪيو آهي. رضاڪار پنهنجون ذميواريون خوش اسلوبي سان ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ به اهڙا مرڪز آهن پر اسان جديد ٽيڪنالاجي جي حوالي سان آذربائيجان جي تجربن مان فائدو کڻنداسين. اها ڳالهه ضروري آهي ته هڪ ڇت هيٺ عوامي خدمتن جون سموريون جديد سهولتون ميسر هجڻ گهرجن ته جيئن عام ماڻهو کي خدمتن جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جي دير نه ٿئي.