رياض-25 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب ۾ يوم تاسيس جي موقعي تي گادي واري شهر رياض ۾ ٿيندڙ روايتي رقص عرضه کي گنيز ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ان رقص ۾ 633 ماڻهو شريڪ ٿيا. اها عرضه سعودي يوم تاسيس جي سلسلي ۾ رياض ۾ ٿيندر چئن ڏينهن واري (20 کان 23 فيبروري) سرگرمين دوران منعقد ڪئي وئي. انهن سرگرمين ۾ مختلف طبقن جي ماڻهن شرڪت ڪئي، جن جو انگ 50 هزار کان وڌيڪ هو. واضع رهي ته سعودي عرب جو عرضه (رقص) هڪ مستحڪم قومي روايت سمجهيو ويندو آهي جيڪا قومي سڃاڻپ تي فخر، عوامي ورثي جي اهميت ۽ ان کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي ترجماني آهي.