ڪراچي-21 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته آرمي چيف ۽ پاڪستان جي فوج خلاف سوشل ميڊيا مهم ۾ هندستاني ايجنٽ ۽ خوارج ملوث آهن.هندستان سوشل ميڊيا تي اسان جي معاشي ۽ معاشرتي نظام کي نقصان پهچائڻ جي سازش ڪري رهيو آهي. اها ڳالهه گورنر برطانيا جي شهر برمنگهم ۾ اوورسيز پاڪستانين کي خطاب ڪندي چئي آهي. جمعي ڏينهن گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب گورنر چيو ته اوورسيز پاڪستاني جتي به هجن ، سندن سڃاڻپ پاڪستاني ڄاوا هوندي آهي، پاڪستاني ڄاوا جو لقب ايترو معتبر هجڻ گهرجي جو دنيا پاڪستان ۽ سندن جي شهرين کي عزت ڏئي. ڪامران خان ٽيسوري چيو ته پاڪستان آرمي ۽ ايس آءِ ايف سي اهي ادارا آهن جيڪي ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهاري سگهن ٿا، گورنر اوورسيز پاڪستانين کي خطاب ڪندي چيو ته اسان کي ٻئي ڪنهنجي لاءِ نه پاڪستان لاءِ بيهڻو آهي. پاڪستان جي عزت ۽ وقار اسان سڀني جي ذميداري آهي، هاڪاري ڪردار ادا ڪريون. هن چيو ته پاڪستان اسان سڀني جو آهي، ان کي مضبوط بنائڻ لاءِ هر هڪ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.