اسلام آباد-21 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان ڪالهه هتي مختلف وفدن سان ملاقاتون ڪيون، جن ۾ بلوچستان سان تعلق رکندڙ سينيئر صحافي ۽ برطانيه جي گلوچيسٽر يونيورسٽي جا فيڪلٽي ميمبر شامل هئا. انهن ملاقاتن ۾ ملڪ جي ترقيءَ ۾ نوجوانن جي ڪردار، صحافت جي آزادي ۽ عالمي تعليمي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جهڙن اهم موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سيدال خال بلوچستان سان تعلق رکندڙ سينيئر صحافين جي فود سان ملاقاتن دوران آزاد ۽ ذميدار صحافت کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو. وقتي چيئرمين بلوچستان جي صحافين سان ملاقات ۾ قومي ۽ عالمي معاملن، ميڊيا جي ڪردار، آزاد صحافت جي اهميت تي تفصيلي روشني وڌي. هن چيو ته آزاد، ذميدار ۽ مثبت صحافت ڪنهن به جمهوري معاشري جي استحڪام جو بنياد آهي. ميڊيا رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي، جيڪا نه صرف عوام کي باخبر رکي ٿي پر جمهوري قدرن جي استحڪام ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ملاقات دوران صحافين قومي معاملن تي مختلف سوال ڪيا جن جا تفصيلي جواب ڏنا ويا. سيدال خان واضح ڪيو ته حڪومت ميڊيا جي آزاديءَ تي مڪمل طور يقين رکي ٿي ۽ صحافت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي رهندي. هن اميد کي درپيش چئلينجز ۽ انهن جي حل تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته صحافت کي ذميداري ۽ـ سچائيءَ تي ٻَڌل هئڻ گهرجي ته جيئن عوام تائين درست معلومات پهچي سگهي. هن چيو ته بلوچستان پاڪستان جي روشن مستقبل جو ضامن آهي. سينٽرل ايشيا لاءِ واپار ۽ سيڙپڪاري جو گيٽ وي آهي، بلوچستان قدرتي وسيلن جي دولت سان مالامال اهي. موجوده حڪومت اتحادي پارٽين سان گڏجي ملڪ جي معاشي صورتحال جي بهتري ۽ خاص طور بلوچستان صوبي جي عوام لاءِ بهتر حڪمت عملي اختيار ڪري رهي آهي، اهو وقت پري ناهي جڏهن بلوچستان جي پُٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقن کي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪيو ويندو. بلوچستان معدنيات، قدرتي وسيلن جي دولت سان مالامال آهي، ضرورت صرف ان ڳالهه جي آهي ته انهن وسيلن کي مؤثر طريقي سان استعمال ۾ آندو وڃي. اقتصادي راهداري جي منصوبن سان بلوچستان عنقريب معاشي حب طور سامهون ايندو. بلوچستان صوبو ايراضيءَ جي لحاظ کان پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو آهي ۽ بلوچستان صوبي ۾ سيڙپڪاريءَ جي موقعن جي وسيع گنجائش موجود آهي، انهن جي مؤثر استعمال سان عوام خوشحالي ماڻيندو. بعد ۾ برطانيه جي گلوچيسٽر يونيورسٽيءَ جي پروفيسر عدليه شفيع ۽ ريجنل مئنيجر واجد علي سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪندي تعليمي تعاون ۽ پارلياماني نظام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وقتي چيئرمين سان برطانيه جي گلوچيسٽر يونيورسٽي جي پروفيسر مس عدليه شفيع ۽ ريجنل مئنيجر پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران برطانيه ۾ مسلم ڪميونٽي جي ڀلائي، تعليم ۽ـ سماجي ترقيءَ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پروفيسر عدليه شفيع برطانيه ۾ مسلم ڪيمونٽي لاءِ جاري مختلف فلاحي ۽ تعليمي منصوبن تي روشني وڌي ۽ ٻُڌايو ته ڄاڻايل يونيورسٽي مسلم شاگردن لاءِ تعليمي موقعا فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي سماجي ترقيءَ ۾ به معاونت ڪري رهي آهي. هن پاڪستان ۽ برطانيه جي تعليمي ادارن وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو. ريجنل مئنيجر واجد علي مسلم ڪميونٽي جي ترقيءَ لاءِ کنيل قدمن جي حوالي سان بريفنگ ڏني ۽ پاسڪتاني شاگردن لاءِ برطانيه ۾ تعليمي موقعن کي هٿي ڏيڻ جي باري ۾ آگاهه ڪيو. وقتي چيئرمين وفد جي آجيان ڪندي ان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته تعليم ۽ سماجي ڀلائي جي شعبي ۾ تعاون سان نه صرف پاڪستاني پر پوري دنيا جي مسلم ڪميونٽيءَ کي فائدو پهچندو. هن پاڪستان ۽ برطانيه جي تعليمي ۽ ثقافتي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ ان سلسلي ۾ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.