رام الله- 20 فيبروري (اي پي پي) فلسطيني صدر محمود عباس چيو آھي ته فلسطين وڪري لاءِ نه آھي ۽ فلسطين جي زمين جو ڪو به حصو رد نه ڪيو ويندو. پرڏيھي ميڊيا مطابق فلسطيني صدر محمود عباس گذريل ڏينھن رام الله ۾ فتح سينٽرل ڪميٽي جي اجلاس ڱان پوءِ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته فلسطين ۽ ان جي زمين جو ڪو به حصو وڪري لاءِ نه آهي.پوءِ ڀلي اهو غزه، اولھه ڪناري يا والاريل بيت المقدس ۾ ھجي رد نه ڪيو ويندو، فلسطيني عوام کي بي گھر ڪرڻ جي هر ڪوشش کي رد ڪيون ٿا. ھن عالمي قانون ۽ عرب امن قدمن کي ڪنھن به سياسي حل جي بنياد طور تي مڃڻ تي زور ڀريو. فتح ڪميٽي سينٽرل ڪميٽي به فلسطينين جي لڏپلاڻ واري هر ڪوشش کي رد ڪرڻ جو ورجاءُ ڪندي ان ڳالھه تي زور ڀريو ته فلسطيني شھري فلسطين لبريشن (پي ايل او) جي قيادت ۾ پنھنجي قومي مقصد لاءِ پنھنجي عزم ذريعي اھڙن ڪوششن جو مقابلو ڪندا. ڪميٽي لڏپلاڻ جي مطالبن کي رد ڪرڻ تي اردن ۽ مصر جي تعريف ڪئي ۽ ان مسئلي کي حل ڪرڻ ۽ غزه جي نئي سر تعمير جي منصوبي جي منظوري لاءِ ايندڙ ھنگامي عرب سربراھي اجلاس جي اھميت تي زور ڀريو. ڪميٽي اسرائيلي پاليسن جو مقابلو ڪرڻ ۽ اوڀر بيت المقدس جي گادي واري شهر سان هڪ آزاد فلسطيني رياست جي قيام کي يقيني بڻائڻ واري اتحاد جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو.