رياض – 20 فيبروري(اي پي پي) عرب ملڪن جي اڳواڻن پاران غزه تي آمريڪي ڪنٽرول ۽ فلسطيني شهرين جي بي دخلي واري آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي منصوبي خلاف ڳالهين لاءِ 20 فيبروري جمعي ڏينهن سعودي عرب ۾ سربراهي اجلاس منعقد ڪيو ويندو. ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي صدر ان منصوبي عرب رياستن وچ ۾ اتحاد کي هٿي وٺرائي. سعودي عرب جي پرڏيهي پاليسي جي ماهر عمر ڪريم ٻڌايو ته سربراهي اجلاس وسيع عرب دنيا ۽ فلسطين مسئلي جي حوالي سان ڏهاڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ نتيجي جوڳو ثابت ٿيندو. سربراهي اجلاس اصل ۾ سعودي عرب، مصر، گڏيل عرب امارتن ،قطر ۽ اردن لاءِ طئه ڪيو ويو هو، جڏهن ته ان ۾ نار سهڪار ڪائونسل (جي سي سي) جي ڇهن ملڪن ۽ فلسطيني اٿارٽي کي شامل ڪرڻ لاءِ توسيع ڪئي وئي آهي. اي