واشنگٽن – 20 فيبروري (اي پي پي) وائٽ هائوس فلسطيني اٿارٽي جي سيڪيورٽي فورسز کي ڏنل سموري فنڊنگ روڪي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا طرفان آمريڪي ۽ فلسطيني اختيارين جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته آمريڪا آخري ڀيرو ڊونلڊ ٽرمپ جي پهرين مدي دوران فلسطيني اٿارٽي کي سڌي ريت امداد روڪي ڇڏي هئي پر سيڪيورٽي فورسز جي تربيت ۽ سڌارن لاءِ فنڊز جي فراهمي جاري رکي هئي. رپورٽ مطابق غزه جي پٽي ۽ اسرائيل جي قبضي هيٺ اولهندي ڪناري جي اڪثر حصن ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ فلسطيني اٿارٽي جي صلاحيت لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي ڪردار کي اهم سمجهيو ويندو آهي. فلسطيني اٿارٽي جي ترجمان انور رجب پرڏيهي ميڊيا کي ٻڌايو ته آمريڪا فلسطيني اٿارٽي جي منصوبن لاءِ فنڊز فراهم ڪندڙ هڪ وڏو ملڪ آهي ۽ انهن منصوبن ۾ فورسز جي سيڪيورٽي تربيت به شامل آهي.