واشنگٽن – 20 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي دفاع کاتي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان دفاعي بجيٽ ۾ 50 ارب ڊالر جي امڪاني ڪٽوتي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. پينٽاگون طرفان جاري بيان ۾ آمريڪي فوج کي چيو ويو آهي هو مالي سال 2026ع جي ايندڙ بجيٽ مان 50 بلين ڊالر جي امڪاني ڪٽوتي جي لسٽ تيار ڪري. بيان مطابق اڳوڻي صدر جوبائيڊن 2025ع لاءِ اٽڪل ساڍا 8 کرب ڊالر جي دفاعي بجيٽ جي منظوري ڏني هئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ان ۾ اٽڪل 8 سيڪڙو ڪٽوتي جو امڪان آهي. بيان مطابق فوج 2025ع لاءِ صدر جوبائيڊن جي ترجيحي منصوبن لاءِ فنڊز جي ڪٽوتي ڪري انهن فنڊز کي صدر ٽرمپ جي ترجيحي منصوبن ڏانهن منتقل ڪرڻ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.