واشنگٽن- 20 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته چين سان واپاري معاھدو ممڪن آھي. صحافين سان ڳالھين دوران ھن ٻڌايو ته 2020ع ۾ آمريڪا پھرين ئي چين سان ھڪ عظيم واپاري معاھدي تي راضي ٿي چڪو ھو ۽ ان حوالي سان ھڪ نئون معاھدو به ممڪن آھي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنھنجي صدارت جي ٻئي مدي ۾ ھڪ مھيني کانپوءِ اتحادين ۽ مخالفن تي ھڪ جيترا وڏي پيماني تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني ھئي جنھن ۾ چين سان گڏو گڏ پاڙيسري ملڪ ڪينيڊا، ميڪسيڪو ۽ يورپي يونين کي به نشاڻو بڻايو ويو آھي. فيبروري جي شروع ۾ آمريڪي صدر چين مان آمدني واپار ڪيل سمورين مصنوعات تي 10 سيڪڙو اضافي ڪسٽم ڊيوٽي لاڳو ڪري ڇڏي. ڊونلڊ ٽرمپ سمورين آمدني ڪيل گاڏين تي 25 سيڪڙو ٽيرف ۽ دوا سازي جي شعبي ۽ سيمي ڪنڊڪٽرز تي اھڙي طرح يا ان کان وڌيڪ ڊيوٽي لڳائڻ جي ڌمڪي به ڏئي رھيو آھي. آمريڪي صدر شروعاتي طور تي سمورن ڪينيڊين ۽ ميڪسيڪو جي آمدني واپار تي 25 سيڪڙو ٽيڪس جو اعلان به ڪيو.