گڏيل قومون-20 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته لبيا ۾ گڏيل قومن جو سفارتي مشن سياسي رڪاوٽن جي خاتمي، امن جي قيام ۽ مفاهمتي ماحول لاءِ منظم حڪمت عملي اختيار ڪري ته جيئن ملڪي ادارا متحد ٿيڻ سان گڏوگڏ صدارتي چونڊن جي راهه هموار ٿي سگهي. اهڙو اظهار گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مستقل نمائندي منير اڪرم لبيا ۾ عالمي اداري جي سپورٽ مشن (يو اين ايس ايم آءِ ايل) جي حوالي سان سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته لبيا ۾ يو اين سپورٽ مشن هڪ مؤثر پاليسي اختيار ڪري ته جيئن اتي امن ۽ مفاهمت جي فضا قائم ڪري سگهجي، ان سان ملڪي ادارن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ ملڪ نئين صدارتي چونڊن طرفان وڃي سگهندو. هن چيو ته اسان لبيا جي سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي همٿ افزائي ڪريون ٿا ته جيئن هو بامعنيٰ ڳالهين ذريعي سمورا مسئلا تعميري انداز ۾ ۾ حل ڪن جنهن سان سمورن ادارن جي اتحاد جي راهه هموار ٿئي. نمائندي گهانا جي بيرسٽر ۽ سفارتڪار حنا ٽيٽيه طرفان لبيا لاءِ يو اين سيڪريٽري جنرل جي خصوصي نمائندي طور مقرريءَ جي آجيان ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته هو پنهنجا تجربا خاص طور خطي جي باري ۾ آگاهيءَ کي نظر ۾ رکندي لبيا ۾ امن ۽ استحڪام جي حوالي سان ٺوس نتيجا ڏيڻ ۾ مدد ڪندو. پاڪستاني نمائندي چيو ته لبيا ۾ امن جي قيام جو واحد رستو رياست، ملڪي قيادت ۽ ملڪي ملڪيت آهي، سياسي مفاهمت سان شهرين کي امن جي فراهمي ۽ قومي وسيلن جي منصفاڻي ورڇ تي توجهه ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته جامع چونڊون ۽ پائيدار امن طرف تيز رفتار منتقليءَ لاءِ جامع امن سازي ۽ مفاهمت جي حڪمت عملي جي ضرورت هوندي. سندس چوڻ هو ته لبيا ۽ ان جي عوام جو روايتي دوست طور پاڪستان اتي امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل قومن جي ڪوششن ۾ ڀرپور سهڪار ڪندو. منير اڪرم چيو ته اسان لبيا جي خودمختياري، آزادي، علائقائي سالميت ۽ قومي اتحاد لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايون ٿا، ان کان اڳ گڏيل قومن جي هڪ سينيئر اهلڪار خبردار ڪيو ته لبيا جو استحڪام گهري سياسي ورڇ، معاشي بدانتظامي ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين سبب وڌ کان وڌ خطري ۾ آهي. گڏيل قومن جي سياسي معاملن جي سربراهه روز ميري ڊي ڪارلو سلامتي ڪائونسل کي خبردار ڪندي چيو ته ورهاست، معاشي بدانتظامي، انساني حقن جون مسلسل ڀڃڪڙيون، چٽاڀيٽي، ۽ ملڪي ۽ پرڏيهي مفاد لبيا جي اتحاد ۽ استحڪام کي تباهه ڪري رهيا آهن. هڪ شهري، جمهوري ۽ خوشحال لبيا جو هدف به اڃا تائين اڌورو آهي. روز ميري ڊي ڪارلو چيو ته ملڪ جي اڳواڻ ۽ سيڪيورٽي سياسي ۽ ذاتي فائدي لاءِ پنهنجي مقابلن تي قومي مفاد کي اهم رکڻ ۾ ناڪام ٿي رهيا آهن. ان کان علاوه سياست ڪاري ۽ سياسي ورڇ به قومي مفاهمت تي اڳڀرائيءَ ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيا آهن.