اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) رمضان المبارڪ 1446ع جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس جمعي 28 فيبروري تي پشاور ۾ طلب ڪيو ويو آھي، اجلاس جي صدارت مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو چيئرمين مولانا محمد عبدالخبير آزاد ڪندو. مذھبي معاملن واري وزارت طرفان جاري پڌارئي مطابق مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس جمعي 28 فيبروري تي شام جو پشاور ۾ اوقاف کاتي جي عمارت ۾ ٿيندو جڏھن ته ملڪ ۾ زونل ۽ ضلعي چنڊ ڏسڻي ڪميٽين جا اجلاس پنھنجي پنھنجي لاڳاپيل ھنڌن تي ٿيندا. اسلام آباد جي زونل چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس مذھبي معاملن واري وزارت ۾ ٿيندو. چنڊ ڏسڻ جي حوالي سان اعلان سڄي ملڪ ۾ ملندڙ شھادتن کي نظر ۾ رکندي مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو چيئرمين مولانا محمد عبدالخبير آزاد ڪندو.