لاھور- 20 فيبروري (اي پي پي) لاھور ھاءِ ڪورٽ بار جون سالياني چونڊون ڇنڇر 22 فيبروري تي ٿينديون. لاھور ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي اليڪشن ۾ صدارت لاءِ ملڪ آصف نسوانه ۽ ثاقب اڪرم گوندل، نائب صدارت لاءِ عبدالرحمان رانجھا، عبدالرزاق چدھڙ ۽ حسيب بن يوسف آمھون سامھون ٿيندا جڏھن ته سيڪريٽري لاءِ فرخ الياس چيمه ۽ قاسم اعجاز سمرا وچ ۾ مقابلو ٿيندو، فنانس سيڪريٽري لاءِ جام بن يوسف بنا مقابلي چونڊجي ويو آھي. اليڪشن بورڊ جي چيئرمين شھزاد احمد منڊ جي نگراني ھيٺ اليڪشن ٿينديون. لاھور ھاءِ ڪورٽ بار جون سالياني چونڊون بائيو ميٽرڪ سسٽم تحت ٿينديون. جڏهن ته چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسو سي ايشن جي سالياني چونڊن جي سلسلي ۾ 22 فيبروري تي موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جاري نوٽيفڪيشن مطابق لاهور هاءِ ڪورٽ، لاهور پرنسيپل سيٽ ۽ ملتان، بهاولپور ۽ راولپنڊي بينچز ۾ 22 فيبروري ڇنڇر تي موڪل هوندي.