رياض – 20 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سعودي عرب جو ويزن 2030ع عملي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي، فيڪ نيوز ۽ مس انفارميشن سڀ کان وڏو خطرو ۽ چئلينج آهي جيڪو سماجي مسلئن جو سبب بڻجي ٿو، اسان کي ان چئلينج جو حل ڳولڻ جي ضرورت آهي، ترقي جي لاءِ تعاون تمام ضروري آهي، ترقي ۽ بهتري جي گنجائش سدائين رهي ٿي، سوشل ميڊيا تي مصنوعي ذهانت جو استعمال منصفاڻو هجڻ گهرجي، پاڪستان ۾ ميڊيا کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪيو پيو وڃي، عالمي ميڊيا ادارن سان حصيداري ڪارائتي ۽ مثبت قدم ثابت ٿي سگهي ٿي، غزه جهڙن عالمي مسئلن بابت صحيح ۽ حقيقي معلومات جي فراهمي ضروري آهي ته جيئن دنيا اتي ٿيندڙ ظلمن کان آگاهه ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي ميڊيا فورم 2025ع تحت ”علائقائي ۽ عالمي ميڊيا جي وچ ۾ حصيداريون مقامي ميڊيا کي ڪهڙي طرح اڳتي وڌائي سگهن ٿيون؟“ جي موضوع تي منعقد مباحثي ۾ ڪيو. ان موقعي تي ٻين مقررين ۾ ايف آءِ پي پي جي سي اي او آلسٽيئرليوس، ايس آر ايم جي ٿنڪ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر نيدالمبارڪ، ميڊيا ڊائريڪٽر، گورنمينٽ ريليشنز ايڪسپرٽ ۽ چيئرمين بورڊ آف ڊائريڪٽرز ايس ايم ايف اينيميشن يوليانا سلاشيوا شامل هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سعودي عرب جو ويزن 2030ع سعودي ولي عهد جو شاندار منصوبو آهي جيڪو عملي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي، سعودي عرب اچي ان ويزن جو احساس ٿئي ٿو. هن چيو ته اسان جو ڌيان هڪ متحرڪ ميڊيا تي آهي جيڪا جديد گهرجن سان هم آهنگ هجي جنهن ۾ ميڊيا بابت سمورن رخن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان 24 ڪروڙ عوام جي سرزمين آهي جنهن ۾ 18 ڪروڙ عوام آن لائين سروسز سان واڳيل آهي، اسان جي متحرڪ آبادي جو 60 سيڪڙو حصو 30 سالن کان گهٽ عمر نوجوانن تي ٻڌل آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان واديءَ سنڌ جي قديم تهذيب جا امين آهيون جنهن جو بسيرو سنڌو درياءَ جي ڪنارن تي هو. اسان وٽ ٻڌائڻ جي لاءِ بهترين ڪهاڻيون موجود آهن، پاڪستاني نه رڳو شاندار قوم آهي پر ڪي ٽو جهڙي دنيا جي ٻي بلند ترين چوٽي جا محافظ آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ اسان جو بنيادي ڌيان هڪ متحرڪ ۽ جدت پسند ميڊيا تي آهي جيڪا نه رڳو مختلف مسئلن کي اجاگر ڪري پر عوام جي ڀرپور نمائندگي ڪري ۽ اصل هنر ۽ ٽيلينٽ کي اڳتي اچڻ جو موقعو فراهم ڪري. هن چيو ته گڏيل تعاون جي ذريعي دنيا سان هم قدم ٿي سگهجي ٿو، هڪ ملڪ ۾ رهڻ ۽ ڳالهه ٻولهه يا تعاون ڪرڻ جي قابل نه هجڻ شين کي روڪ ڇڏڻ جي برابر آهي، ترقي ۽ بهتري جي گنجائش سدائين رهي ٿي. وفاقي وزير چيو ته سعودي ريسرچ اينڊ ميڊيا گروپ (ايس آر ايم جي) جي حوالي سان اسان وٽ اردو نيوز، عرب نيوز، انڊيپنڊنٽ اردو موجود آهن جيڪي تمام سٺو ڪري رهيا آهن، انهن جو نه رڳو ڊيجيٽل پليٽ فارمز پر اسان جي معاشري ۾ سماجي مسئلن تي بيداري پيدا ڪرڻ ۾ پڻ اهم ڪردار آهي. عطاءُ الله تارڙ ميڊيا ادارن ۾ تعاون جي فروغ، مقامي ميڊيا کي مهارت جي ترقي ۽ پنهنجي صلاحيت وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته عالمي حصيدارن سان هٿ ملائڻ مقامي ميڊيا ادارن ۾ هڪ مثالي تبديلي آڻي سگهي ٿو. هن چيو ته اسان جي پاليسي آهي ته اسان انهن مفاهمتن کي وڌيڪ فروغ ڏينداسين. هن چيو ته اسان وٽ آسڪر ايوارڊ يافته شرمين عبيد چنائي، نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي ۽ عورت جبل چاڙهو ثمينه بيگ موجود آهن، شرمين عبيد شاندار دستاويزي فلم ٺاهي آسڪر ايوارڊ کٽيو، ملاله يوسفزئي تعليمي ڪارڪن آهي جڏهن ته ثمينه بيگ واحد عورت آهي جنهن مائونٽ ايوريسٽ ۽ ڪي ٽو سميت دنيا جي 7 بلند ترين چوٽين کي سَر ڪيو، اهي عورتون اسان جو فخر آهن، ان قسم جي ڪهاڻين کي دنيا آڏو آڻڻ جي ضرورت آهي، انهن ڪهاڻين ۾ بي لوث قرباني، هنر، سڃاڻپ، نئين بلندين تائين پهچڻ جي خواهش اهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ بي پناهه ٽيلينٽ موجود آهي، ان ٽيلينٽ کي تيار ڪرڻ جي لاءِ اسان کي عالمي حصيدارن جي تعاون جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ تمام سٺا نيوز ۽ تفريحي چينلز موجود آهن، مقامي ميڊيا جي ترقي جي لاءِ اسان کي عالمي حصيدارن جي ضرورت آهي جيڪي مقامي ميڊيا کي ان جي حقيقي صلاحيتن تائين پهچائڻ ۾ مددگار ٿين. وفاقي وزير چيو ته سعودي ميڊيا فورم هڪ اهڙو پليٽ فارم آهي جتي اسان وڌيڪ تعاون تي ڳالهه ڪري سگهون ٿا. عطاءُ الله تارڙ گڏيل انساني مقصدن ۽ هدفن تائين پهچڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته عالمي سطح تي اهڙا مسئلا موجود آهن جن کي اجاگر ڪرڻ ضروري آهي، ڪجهه وقتن تي خبرن ۾ اسان کي صحيح تصوير نه ٿي ملي، جيستائين غزه جي مسئلي جو تعلق آهي اسان کي ان بابت صحيح آگاهي جي ضرورت آهي ته اصل زميني حقيقتون ڇا آهن، صورتحال ڇا آهي ته جيئن دنيا کي معلوم ٿي سگهي ته ظلم ڪهڙا آهن ۽ غزه جي ماڻهن کي ڪهڙي قسم جي انساني مدد جي ضرورت آهي. هن چيو ته عالمي تعاون جي ذريعي اسان پنهنجي صلاحيتن جو بهتر طريقي سان ادراڪ ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته ورلڊ اڪنامڪ فورم جي رپورٽ ۾ جڏهن عالمي اڳواڻن کان پڇيو ويو ته موجوده دور جو سڀ کان وڏو خطرو ۽ چئلينج ڪهڙو آهي ته انهن ائٽمي جنگ، موسمياتي تبديلي ۽ صحت جي خطرن جو ذڪر نه ڪيو پر انهن فيڪ نيوز ۽ مس انفارميشن کي سڀ کان وڏو خطرو ۽ چئلينج قرار ڏنو. هن چيو ته عالمي سطح تي ڪو عالمي ادارو هجڻ گهرجي جنهن وٽ حقيقتون جانچڻ جو نظام هجي ۽ مصنوعي ذهانت جي ذريعي معلومات جي جانچ ٿي سگهي. هن چيو ته فيڪ نيوز وڌيڪ تيزي سان پکڙجي ٿي، ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سڀني کي گڏجي ويهي ڳالهه ڪرڻ ۽ ان جو حل ڪڍڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي ڪجهه الگور ٿم آهن، جڏهن اسان غزه يا فلسطين بابت پوسٽ ڪريون ٿا ته اهي شيون فوري ختم ٿي وڃن ٿيون. هن چيو ته سوشل ميڊيا ۽ مصنوعي ذهانت جو استعمال دنيا جي سمورن ماڻهن جي لاءِ مناسب ۽ مصنفاڻو هجڻ گهرجي، ان کي رڳو هڪ طرف جهُڪائي نٿو سگهجي. اسان کي ان بابت مصنفاڻي نظام جي ضرورت آهي. هن چيو ته حقيقتن جي جانچ جي لاءِ جامع نظام هجڻ گهرجي جيڪو صحي ۽ قابل اعتماد هجي جنهن تي ماڻهو ڀروسو ڪري سگهن. عطاءُ الله تارڙ چيو ته عالمي ميڊيا ادارن جي پاڪستان جي مقامي ميڊيا آئوٽ ليٽس سان حصيداري خوش آئنده آهي، اهڙي طرح جي حصيداري سان شفافيت جي حوصلا افزائي ٿيندي.