اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو آئين، اسلامي اصولن موجب بنا فرق جي سڀني جي لاءِ سماجي انصاف ۽ برابري جي ضمانت ڏي ٿو، حڪومت ”اڏار پاڪستان“ پروگرام تحت سماجي انصاف جي عالمي ڏينهن جي مقصدن سان هم آهنگ، برابري، اخلاقيات ۽ ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ تي زور ڏيڻ جي لاءِ ڪيترن ئي موثر قدمن جي شروعات ڪئي آهي. سماجي انصاف جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 20 فيبروري تي اسان سماجي انصاف جو عالمي ڏينهن ملهايون ٿا ته جيئن سڄي دنيا جي سمورن ماڻهن جي لاءِ برابري، انصاف ۽ وقار کي فروغ ڏئي سگهجي، هي ڏينهن حڪومتن، تنظيمن ۽ ماڻهن جي سماجي انصاف ۽ برابري کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار جي ياد ڏياري ٿو، هي غربت ۽ صنفي فرق جهڙن مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ قدمن جو مطالبو ڪري ٿو، جتي سمورا ماڻهو برابر حق ۽ موقعا حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جو آئين اسلامي اصولن موجب بنا فرق سڀني جي لاءِ سماجي انصاف ۽ برابري جي ضمانت ڏي ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي شهرين جي حقن جو تحفظ ۽ فروغ ڏيڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي پروگرام متعارف ڪرايا آهن، اسان انهن تعصبن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون جيڪي انساني ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن، ان ۾ صنفي بنياد تي تشدد، جيلن ۾ سڌارا ۽ ٻارن جي تحفظ جي پاليسيون ۽ ٻيا قدم شامل آهن. اسان هڪ ڊيجيٽل پليٽ فارم پڻ شروع ڪيو آهي جنهن ۾ هڪ ٺوس سماجي ڀلائي جو نظام شامل آهي ته جيئن معذور ماڻهن ۽ سماجي طور تي ڪمزور طبقن کي فوري طور تي موزون امدادي خدمتن تائين پهچ فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ پاڪستان حڪومت ”اڏار پاڪستان“ پروگرام تحت سماجي انصاف جي عالمي ڏينهن جي مقصدن سان هم آهنگ، برابري، اخلاقيات ۽ ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ تي زور ڏيڻ جي لاءِ ڪيترن ئي موثر قدمن جي شروعات ڪئي آهي. شهباز شريف چيو ته اڻبرابري جون رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي لاءِ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته هر شهري کي بنيادي انساني حق، معياري تعليم، صحت ۽ اقتصادي موقعن تائين پهچ حاصل هجي. اڄ اسان هڪ منصفاڻي ۽ جامع دنيا جي تعمير جي لاءِ پنهنجي عزم جي تجديد ڪريون ٿا.