اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان جي وڏي سفارتي ڪاميابي ۽ ڊجيٽل تعاون ۾ قائداڻي ڪردار جي اعتراف ۾ پاڪستان کي ڊجيٽل تعاون ڪائونسل (ڊي سي او) جي 2026ع ۾ صدارت ۽ 2025ع ۾ ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جي سيٽ ملي وئي. اردن جي ڊجيٽل معيشت ۽ ڪاروبار واري وزير سامي سميراط پاڪستان جي صدارت جو اعلان ڪيو. آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه اردن ۾ ڊي سي او جي چوٿين جنرل اسيمبليءَ ۾ شرڪت ڪري رهي آهي. ڪالهه آءِ ٽي واري وزارت مان جاري بيان موجب ڊجيٽل سهڪار ۾ پاڪستان جي قائداڻي ڪردار جي اعتراف ۾ پاڪستان کي ڊي سي او ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ ۾ سيٽ ملي وئي. مملڪتي وزير ڊجيٽل ترقيءَ جي عالمي منظرنامي ۾ پاڪستان جي اثرائتي نمائندگي ۽ ڊي سي او جنرل اسيمبليءَ ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي. هن ڊي سي او جنرل اسيمبليءَ کي خطاب ۾ پاڪستان جي ڊجيٽل سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته ڊجيٽل معيشت کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان عالمي اڳواڻيءَ لاءِ تيار آهي. ڊجيٽل فارن ڊائريڪٽر انويسٽمينٽ انيشيئٽو جي اڳواڻي پاڪستان ڪندو. ڊي سي او، پاڪستان ۽ عالمي اقتصادي فورم جي سهڪار سان ڊجيٽل ايف ڊي آءِ انيشيئٽو جي شروعات اپريل 2025ع ۾ ٿيندي. هن پاڪستان جي ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي حڪمت عملي عالمي سطح تي اجاگر ڪئي ۽ ڊجيٽل انقلاب ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار ۽ عالمي ڀائيواري وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته ڊي سي او ۾ پاڪستان جو وڌندڙ اثر رسوخ ڊجيٽل ترقي جي نئين دؤر جي شروعات آهي. ڊجيٽل معيشت کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان جي قيادت کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو.