تهران-19 فيبروري (اي پي پي) ايران چيو آهي ته ڪنهن جي دٻاءَ ۾ اچي ڳالهيون نه ڪنداسين، عزت ۽ وقار سان ڳالهه ڪئي ويندي ته ان جو رد عمل به انهي انداز ۾ ايندو. العربيه موجب اها ڳالهه ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي هڪ بيان ۾ چئي. هن چيو ته اسان جو ملڪ دٻاءَ يا ڌمڪي تحت ڪڏهن به ڳالهيون نه ڪندو، وڌ کان وڌ دٻاءُ وجهڻ جو عمل ڪڏهن به ڪامياب ناهي ٿيو. جيڪڏهن ايران سان عزت ۽ وقار سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي ته ان جو رد عمل انهي انداز ۾ ٿيندو، اسان کي علائقائي انتظامن مان ٻاهر ڪرڻ يا نار ۾ پاڙيسرين وچ ۾ تڪرار کي ڀڙڪائڻ جي پاليسي ناڪام ٿي چڪي آهي. عباس عراقچي چيو ته ايراني عوام خلاف غير قانوني پابندين ذريعي اقتصادي جنگ انهن ڪوششن جي صرف هڪ پهلوءَ جي نمائندگي ڪري ٿي جيڪا آمريڪي بلاڪ طرفان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري آهن، جڏهن ته اها ناڪام ٿي چڪي آهي.