رياض-19 فيبروري (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي ته ڪنهن به تڪرار کي ختم ڪرڻ لاءِ رعايتن جو هجڻ لازمي آهي. العربيه موجب آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سعودي گادي واري هنڌ رياض جي اتر اولهه ۾ موجود قصر درعيه ۾ آمريڪي روسي اجلاس جي خاتمي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن به تڪرار کي ختم ڪرڻ لاءِ رعايتون هجڻ گهرجن. هن زور ڏنو ته آمريڪا روس سان ڳالهيون جاري رکڻ تي قائم آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير مطابق آمريڪا ۽ روس وچ ۾ سفارتي مشننز کي ٻيهر فعال بڻائيندو. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ واحد اڳواڻ آهي جيڪو يوڪرين جنگ ختم ڪرائڻ جي قدرت رکي ٿو. هن چيو ته ڊولڊ ٽرمپ هن وقت يورپ سميت سمورن ماڻهن جي مفاد ۾ ان تڪرار کي حل ڪرائڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي.