رياض – 19 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ سعودي عرب جي ميڊيا واري وزير سلمان بن يوسف الدوسيري جي وچ ۾ سعودي ميڊيا فورم جي موقعي تي اهم ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل پروڊڪشن، گاني، فلم ۽ ڊاڪومينٽريز جي تياري جي لاءِ جوائنٽ ڪميٽي جوڙڻ ۽ صحافين جي مٽاسٽا ۽ تربيتي پروگرامن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ٿيو. اطلاعات واري وفاقي وزير سعودي عرب جي ميڊيا واري وزير کي سعودي ميڊيا فورم جي چوٿين ايڊيشن منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل تعاون کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ٻنهي اڳواڻن غلط معلومات ۽ پروپئگنڊه کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سعودي عرب اسان جو ٻيو گهر آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون سان خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وفاقي وزير چيو ته سعودي ويزن 2030ع جي حمايت سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڊيجيٽل سيڙپڪاري ۽ فني تعاون جي لاءِ سنهري موقعا موجود آهن. عطاءُ الله تارڙ چيو ته سعودي ميڊيا فورم جي اهتمام هيٺ ڪانفرنس رڳو تقريب نه پر اها پاڪستان سميت سڄي دنيا جي ميڊيا جي لاءِ هڪ موقعو آهي ته اهي گڏيل تعاون جون نيون راهون ڳولين. هن چيو ته سعودي عرب جي شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي سرپرستي هيٺ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي قيادت ۾ سعودي عرب ويزن 2030ع جي هدفن کان اڳتي وڌي چڪو آهي. سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سعودي عرب جي مثالي ترقي ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي، سندس قائداڻي صلاحيتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ويزن 2030ع تحت سعودي عرب هر شعبي جي سرگرمين جو مرڪز بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب ڀائراڻا لاڳاپا اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ٿي رهيا آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. ان موقعي تي سعودي ميڊيا واري وزير چيو ته سعودي پاڪستان سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جي ايندڙ ميٽنگ پاڪستان ۾ ٿيندي. هن چيو ته پاڪستانين جو وڏو انگ سعودي عرب جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان سان اطلاعات سميت سمورن شعبن ۾ تعاون جو فروغ اسان جي ترجيح آهي.