نيويارڪ – 19 – فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ان موقعي تي امن ۽ سلامتي، ترقي ۽ موسمياتي تبديلي سميت عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي مرڪزي ڪردار جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن سال 2026 – 2025ع ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي حيثيت سان عالمي امن ۽ سلامتي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم سان گڏوگڏ گهڻ رخي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي لاءِ پاڪستان جي پراڻي وابستگي بشمول گڏيل قومن جي امن جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو. هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران ”سمٽ آف دي فيوچر“ منعقد ڪرڻ جي قدم جي آجيان ڪندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته ”پيڪٽ فار دي فيوچر“ جي لاءِ معاهدي کي مڪمل طور تي لاڳو ڪيو ويندو، جيڪو پائيدار ترقي ۽ موسمياتي هدفن کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ اسرندڙ ملڪن جي مالياتي ضرورتن کي پورو ڪندو. نائب وزيراعظم ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب منصفاڻي انداز سان حل ڪرڻ تي زور ڏنو. فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيل جي ظلمن جي مذمت ڪندي نائب وزيراعظم ٻه رياستي حل جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو جنهن ۾ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ قابل عمل، لڳولڳ ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. نائب وزيراعظم سرحد پار افغانستان مان ٿيندڙ دهشتگردي کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ افغانستان جي اندران دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي حمايت تي زور ڏنو. هن افغانستان ۾ لکين بي سهارا ماڻهن کي انساني همدرديءَ جي بنياد تي مدد فراهم ڪرڻ ۽ ان جي اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ جي پاڪستان جي خواهش جو پڻ ورجاءُ ڪيو جنهن ۾ افغانستان جي رستي وچ ايشيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ رابطي جي منصوبن تي عملدرآمد پڻ شامل آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس نائب وزيراعظم جا گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي فعال شموليت سان گڏوگڏ عالمي امن ۽ سلامتي جي قيام جي لاءِ گڏيل قومن جي امن مشن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير هن وقت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ جي دوري تي آهي جيڪو چين سلامتي ڪائونسل جي صدارت دوران گهرايو هو.