نيويارڪ / اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي نائب پرڏيهي وزير انجنيئر وليد عبدالڪريم الخيريجي سان نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم پاڪستان ۽ سعودي عرب جي پراڻي لاڳاپن کي ساراهيندي سعودي عرب سان ٻطرفي اقتصادي ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن ولي عهد ۽ سعودي عرب جي وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان ۽ شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود جي دورانديش قيادت ۾ سعودي عرب پاران ڪئي ويندڙ ذڪر جوڳي اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي فروغ ۾ سعودي عرب جي اهم ڪردار جو ذڪر ڪيو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي لاڳاپن کي تسليم ڪيو ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن تي زور ڏيندي اقتصادي تعاون کي سگهه ڏيڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ واپاري شعبن ۾ وسيع البنياد تعاون جا موقعا ڳولڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن غزه ۽ اولهندي ڪناري جي سنگين انساني صورتحال سميت وچ اوڀر جي تازي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن غزه جنگبندي جي مڪمل لاڳو، غزه جي ماڻهن کي مناسب ۽ بنا روڪ ٽوڪ انساني امداد جي فراهمي ۽ نئين سر تعمير جي جلد شروعات ۽ ٻه رياستي حل طرف اڳڀرائي تي زور ڏنو. هن مسلمان امت بابت مسئلن جي حل ۾ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي اهم ڪردار تي پڻ زور ڏنو. ملاقات ۾ گڏيل خوشحالي ۽ علائقائي استحڪام جي لاءِ گهڻ رخي حصيداري کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.