اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي شهر بارکان ۾ دهشتگردن جي ڪارروائي ۾ بس جي مسافرن جي مارجڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مارجي ويلن جي مغفرت جي لاءِ دعا ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ حوصلي جي دعا ڪئي. وزيراعظم ڏوهارين کي جلد کان جلد منطقي انجام تائين پهچائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته معصوم شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائيندڙن کي تمام سخت قيمت ادا ڪرڻي پوندي. معصوم شهرين جون قربانيون هرگز رائيگان وڃڻ نه ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ سرگرم عمل آهي.