اسلام آباد – 18 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز ۾ خدمتن جي فراهمي جي نظام جي ڊيجيٽائيزيشن ۽ وفاقي حڪومت جي سمورين وزارتن ۽ ادارن ۾ 20 مارچ تائين اي – آفيس جو نظام مڪمل لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته وفاقي ڪابينا گڏيل قومن جي سامونڊي قانون بابت ڪنوينشن تحت عالمي قانوني معاهدي تي صحيحون، صوماليه جي لاءِ قومي سڃاڻپ نظام جي حوالي سان اڊينڊم 2 تي صحيحون ۽ ان لينڊ روينيو اپيليٽ ٽربيونل (اپوائنٽمنٽ، ٽرمز اينڊ ڪنڊيشنز آف سروس) رولز 2024ع ۾ ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪابينا اجلاس کي سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان پاران کيس موڪليل خط جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هن چيو ته سعودي ولي عهد پنهنجي خط ۾ پاڪستان جي لاءِ پيٽروليم مصنوعات جي حوالي سان ادائيگي ملتوي جي بنياد تي سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ پاران وڌيڪ هڪ سال جي لاءِ 100 ملين آمريڪي ڊالر ماهوار فراهمي جي تجديد بابت ٻڌايو. هن چيو ته سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان ۽ سعودي قيادت جا دل سان ٿورائتا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته سعودي عرب هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو آهي. وفاقي ڪابينا کي وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنز ۾ اي – آفيس جي استعمال تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت جي سمورين ڊويزن ۾ اي – آفيس جو استعمال 98 سيڪڙو تائين پهچي چڪو آهي ۽ 39 ڊويزنز ۾ اي – آفيس جو لاڳو 100 سيڪڙو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بين الوزارتي رابطن جي حوالي سان 21 ڊويزنز ۾ اي – آفيس جو لاڳو 100 سيڪڙو ٿي چڪو آهي جن مان 176 ادارن ۾ اي – آفيس جو لاڳو مڪمل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز ۾ خدمتن جي فراهمي جي حوالي سان سموري نظام جي ڊيجيٽائيزيشن ڪئي وڃي ته جيئن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي خدمتن جي فراهمي ۾ آساني پيدا ٿي سگهي. وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته وفاقي حڪومت جي سمورين وزارتن ۽ ادارن ۾ اي – آفيس جو لاڳو 20 مارچ 2025ع تائين 100 سيڪڙو مڪمل ڪيو وڃي. وفاقي ڪابينا موسمياتي تبديلي واري وزارت جي سفارش تي عالمي سامونڊي پاڻين ۾ ڪثير سامونڊي وسيلن جي حفاظت ۽ انهن جي پائيدار استعمال جي حوالي سان گڏيل قومن جي سامونڊي قانون بابت ڪنوينشن تحت عالمي قانوني معاهدي تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان قدم ۾ پاڪستاني مُهاڻن کي فائدو ٿيندو. وفاقي ڪابينا وفاقي تعليم واري وزارت جي سفارش تي ڪامران جهانگير جي بطور مئنيجنگ ڊائريڪٽر نيشنل بڪ فائونڊيشن مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا انساني حقن واري وزارت جي سفارش تي انساني حقن بابت نيشنل ڪميشن ۾ بطور ميمبر اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري مقرري جي لاءِ 6 نالا وزيراعظم ۽ پارليامينٽ ۾ ليڊر آف اپوزيشن کي موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي صوماليه جي لاءِ قومي سڃاڻپ نظام جي حوالي سان اڊينڊم 2 تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي. اهو اڊينڊم ويريفڪيشن سروسز، موبائيل انرولمنٽ ايپلي ڪيشن ۽ آفيشل پيمنٽ گيٽ وي ۽ انفراسٽرڪچر بابت آهي. نيشنل ڊيٽابيس رجسٽريشن اٿارٽي صوماليه جي نيشنل آئيڊينٽيفڪيشن جي حوالي سان صوماليه جي مدد ڪري رهيو آهي. وفاقي ڪابينا سامونڊي معاملن واري وزارت جي سفارش تي ڊاڪٽر شاهد اسلم مرزا جي بطور مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪورنگي فشريز هاربر اٿارٽي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا معزز اسلام اباد هاءِ ڪورٽ جي هدايتن جي روشني ۾ ۽ قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي وطيم ميڊيڪل ڪاليج، راولپنڊي جي رجسٽريشن جي لاءِ نظرثاني درخواست قانون موجب ڪارروائي جي لاءِ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل ڏانهن موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي سفارش تي پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي گورننگ باڊي جي چونڊن ۾ بي ضابطگين جي حوالي سان ڪميشن آف انڪوائري جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي لينڊ روينيو اپيليٽ ٽربيونل (اپوائنٽمنٽ، ٽرمز اينڊ ڪنڊيشنز آف سروس) رولز، 2024ع ۾ ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 14 فيبروري 2025ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 17 فيبروري 2025ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.