اسلام آباد -18 فيبروري (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي، ته 10 سالن کان پوءِ تيل ۽ گئس جي ڳولها لاءِ 40 نون آفشور ۽ 31 آنشور بلاڪن جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته هڪ تمام وڏو حصو اڃا تائين دريافت ناهي ٿيو. ٽيهين سالياني ٽيڪنيڪل ڪانفرنس ۽ آئل شو کي خطاب ڪندي هن چيو ته شيل ۽ ٽائٽ گئس جا ذخيرا موجود آهن، پاڪستان ڪاروبار لاءِ کليل آهي ۽ عالمي سيڙپڪارن لاءِ انهن بلاڪن ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن، اسان انهن کي سموريون سهولتون فراهم ڪنداسين. وفاقي وزير چيو ته ڊي ريگوليشن جي پاليسي ۽ پرائيس ڪيپ سان گڏ آئل سيڪٽر اوپن ڪرڻ جي پاليسي به آڻي رهيا آهيون، ملڪ جي تقدير بدلائڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٽيڪنالاجي آڻڻ ڪافي ناهي، انهي لاءِ مسلسل انوويشن جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته آئل سيڪٽر کي جديد ٽيڪنالاجي تي شفٽ ڪرڻو پوندو، وزيراعظم جو خواب آهي ته پاڪستاني بهترين ۽ آسان زندگي گذارين. هن چيو ته هڪ اڌ مشن آڻڻ سان خوشحالي نه ايندي، پائيدار ترقي لاءِ پاڻ کي سائنس ۽ تحقيق جو ڪم ڪرڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته جڏهن نوجوان نسل ۾ خوداعتمادي هوندي ته هو هر ڪم ڪري سگهندا تڏهن ئي ملڪ ترقي ڪندو، اهو اعتماد پيدا ڪرڻو پوندو ته اسان بهترين قوم آهيون. هن چيو ته اسان کي ويڙهه بدران ترقي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، جيئن ته توانائي جي فراهمي اسان جي ترجيحن جو اهم جزو آهي ۽ ان لاءِ حڪومت محنت ڪري رهي آهي. هن چيو ته اليڪٽريفڪيشن تي هن قوت تمام گهڻو ڪم ڪري رهيا آهيون. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته اسان کي ڪم ڪرڻ جو طريقو بدلائڻو پوندو. پاڪستان ۾ تمام گهڻو پوٽينشل آهي.