اسلام آباد – 18 – فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي علائقائي رابطن ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) ۽ گوادر بندرگاهه خطي ۾ واپار ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. پاڪستان جي جاگرافيائي اهميت ان کي هڪ منفرد حيثيت ڏي ٿي، ”قدرتي واپاري لنگهه“ ملڪ، چين، وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. هو ايوان صدر ۾ پاڪستان چين انسٽيٽيوٽ جي اهتمام هيٺ منعقد عالمي ڪانفرنس ”علائقائي رابطا ۽ پاڪستان: اڀرندڙ موقعا“ جي پڄاڻي واري اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ بلوچستان جي وڏي وزير سردار سرفراز بگٽي، پاڪستان چين انسٽيٽيوٽ جي چيئرمين سينيٽر مشاهد حسين سيد، گڏيل عرب امارات ۾ قائم گلوبل ڪائونسل آف ٽالرنس اينڊ پيس جي صدر احمد جروان الحمد، سفارتي برادري جي ميمبرن، تعليمي ماهرن ۽ ميڊيا نمائندن شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته هن پنهنجي ڊگهي اسيري جي دوران گوادر بندرگاهه کي هڪ گڏيل اقتصادي مرڪز جي طور تي تصور ڪيو هو، جتي چين سميت دوست ملڪن سان گڏجي علائقائي واپار ۽ رابطن کي فروغ ڏئي سگهجي. هن چيو ته سي پيڪ ۽ گوادر بندرگاهه اسان جي ايندڙ نسلن جي لاءِ ثمر کڻي ايندا. صدر ان موقعي تي ان ڳالهه جي پڻ نشاندهي ڪئي ته پاڪستان تاجڪستان سان بلوچستان تائين پاڻي آڻڻ جي مختلف امڪانن تي غور ڪري رهيو آهي ۽ ان حوالي سان گڏيل عرب امارات جي حڪومت جي تعاون سان هڪ فزيبلٽي اسٽڊي مڪمل ڪئي وئي آهي. هن تاريخي واپاري رستن کي بحال ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته ان سان خطي ۾ اقتصادي ۽ ثقافتي رابطا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. بلوچستان جي وڏي وزير سردار سرفراز بگٽي پنهنجي خطاب ۾ صدر آصف علي زرداري جي سي پيڪ جي تصور، شروعات ۽ عملي لاڳو ۾ ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته گوادر بندرگاهه جديد سهولتن سان ليس ٿي عالمي سطح جي هڪ اهم بندرگاهه ۾ تبديل ٿي ويندي، جيڪا نه رڳو عالمي منڊين تائين پهچ فراهم ڪندي پر علائقائي ملڪن جي لاءِ پڻ هڪ گيٽ وي جو ڪردار ادا ڪندي. گوادر کي بلوچستان جي عوام جي لاءِ اميد ۽ موقعن جي علامت قرار ڏيندي هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جي پراڻي لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته حڪومت، بلوچستان ۾ گورننس، عوامي تحفظ، سماجي ترقي ۽ مقامي برادرين کي بااختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي ته جيئن جامع ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي. پاڪستان چين انسٽيٽيوٽ جي چيئرمين سينيٽر مشاهد حسين سيد پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سي پيڪ علائقائي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ نئين پل تعمير ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ واپاري، اقتصادي، ثقافتي ۽ عوامي رابطن جي فروغ ۾ وڏي دلچسپي ڏٺي وڃي ٿي ۽ ان ڏس ۾ پاڪستان هڪ مرڪزي ڪردار جي طور تي اڀري رهيو آهي. هن صدر آصف علي زرداري جي تازي چين جي دوري ۽ اتان جي اعليٰ قيادت سان ٿيندڙ ملاقاتن کي پاڪ چين لاڳاپن جي وڌيڪ استحڪام ۽ سي پيڪ جي لاڳو ۾ معاون قرار ڏنو. گڏيل عرب امارات ۾ قائم گلوبل ڪائونسل آف ٽالرنس اينڊ پيس جي صدر احمد جروان الحمد علائقائي رابطن جي فروغ ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. هن زور ڏنو ته خطي ۾ ڀائيچاري، تعليم ۽ ڪاروباري تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پل تعمير ڪيا وڃن ۽ گڏيل قدم کنيا وڃن.