اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته انساني اسمگلرز ڪنهن رعايت جا مستحق نه آهن، انساني اسمگلرن خلاف گهيرو سخت ڪيو ويو آهي، 400 کان وڌيڪ انساني اسمگلرن کي گرفتار ڪري انهن جون ملڪيتون ضبط ۽ بئنڪ اڪائونٽس منجمند ڪيا ويا آهن، جيستائين انساني اسمگلنگ جو خاتمو نه ٿيندو اسان سُک سان نه ويهنداسين. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقي دوران قومي اسيمبلي ميمبرن مهرين رزاق ڀٽو، شرميلا فاروقي، طاهره اورنگزيب، سيد نويد قمر ۽ ٻين جي ضمني سوالن جا جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گوجرانوالا، سيالڪوٽ، منڊي بهاءُ الدين ۽ گجرات ۾ انساني اسمگلنگ جا مسئلا وڌيڪ آهن، تازو ئي يونان، مراڪش ۽ ليبيا ويجهو ٽي افسوسناڪ واقعا پيش آيا، ڪيترائي خاندان اڄ به پنهنجي پيارن جي لاشن جو انتظار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم انساني اسمگلنگ جي واقعن جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي ۽ ان حوالي سان ڪيترائي اجلاس پڻ ٿيا آهن، قانونسازي پڻ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته هيستائين 436 انساني اسمگلرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اهي ماڻهو ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن، انهن جي ملڪيتن کي ضبط ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته روزگار جي ڳولا ۾ جيڪي ماڻهو ٻاهرئين ملڪ وڃن ٿا انهن وٽ قانوني ذريعا موجود آهن تنهن ڪري انساني اسمگلنگ جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته انساني اسمگلنگ جي مسئلي تير پوري قوم کي ڏک آهي، انساني اسمگلرن جي خلاف گهيرو سخت ڪيو ويو آهي، انهن کي لڪڻ جي جڳهه نه ملندي، انهن کي سخت سزا ڏني ويندي. هن چيو ته ان حوالي سان اسپيشل پراسيڪيوٽرز کي مقرر ڪيو ويو آهي، انساني اسمگلرن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي. وفاقي وزير چيو ته بحيثيت قوم اسان جو فرض آهي ته انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ ماڻهن کي شعور فراهم ڪريون ۽ غيرقانوني طريقي سان ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي حوصلا شڪني ڪريون. وفاقي وزير چيو ته اوورسيز پاڪستانيز ملڪ ۾ رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو موڪليو آهي جنهن ۾ 32 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جنهن تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊز بلاڪ ڪرڻ جو بنيادي مقصد غيرقانوني طريقي سان ٻاهرئين ملڪ ويندڙن جي حوصلا شڪني ڪرڻ آهي، جڏهن ڪير ڪنهن ملڪ جي قانون جي خلاف ورزي ڪري ٿو ته اهو قانوني طريقي سان ان ملڪ جي رهواسين جو نقصان ڪري ٿو. اهڙو طبقو جيڪو ورڪ پرمٽ ۽ اقامي جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ به اتي رهائش اختيار ڪري ٿو ته اهو قانوني طريقي سان رهندڙن جي لاءِ پڻ مشڪلاتون پيدا ڪري ٿو. قانون ۾ پابندي برابر هنئي وئي آهي. شرميلا فاروقي جي ضمني سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چار سئو کان وڌيڪ گرفتار ٿيندڙ انساني اسمگلرن جي 66 ڪروڙ جي ملڪيت کي قبضي ۾ ورتو ويو، انهن جا بئنڪ اڪائونٽس منجمند ڪيا ويا آهن، انهن جي خلاف گهيرو سخت ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ايف آءِ اي ۾ اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سيل فعال ڪيو ويو آهي، نئين آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو آهي، جن ضلعن ۾ اهو ڏوهه وڌيڪ آهي اتي انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز پڻ ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته جيستائين انساني اسمگلنگ جو خاتمو نه ٿيندو، اسان سُک سان نه ويهنداسين. هن چيو ته وزيراعظم مهيني ۾ ٻه ڀيرا ان حوالي سان پاڻ اجلاس طلب ڪري ٿو. قومي اسيمبلي ميمبر طاهره اورنگزيب جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نئين قانونسازي ۾ انساني اسمگلنگ کي ناقابل ضمانت ڏوهه بڻايو ويو آهي، ان سان گڏوگڏ عمرقيد جي سزا تجويز ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اهو ظالماڻو ڪاروبار آهي جنهن ۾ ماڻهن کي لانچن ۽ ٻيڙين ۾ ٻاهرئين ملڪ وٺي وڃي ٿو ۽ انهن سان غيرانساني سلوڪ ٿئي ٿو، ان عمل جي حوصلا شڪني ڪرڻ جي لاءِ قانون ۾ سخت کان سخت سزائن جو تعين ڪيو ويو آهي ۽ اسپيشل پراسيڪيوٽرز مقرر ڪيا ويا آهن ته جيئن پراسيڪيوشن ۽ ڊفينس جي ملي ڀڳت نه هجي ۽ شفاف طريقي سان ٽرائلز ٿين ۽ ان ڪڌي ڪاروبار جو خاتمو ڪري سگهجي. سيد نويد قمر جي ضمني سوال تي عطاءُ الله تارڙ چيو ته آئون يقين ڏياريان ٿو ته ڪرپٽ آفيسرن جي خلاف ڪارروائي يقيني بڻائي وئي آهي، 34 آفيسرن کي نوڪري مان ڪڍيو ويو آهي، انهن جي ڪيسز جو هڪ مهيني جي اندر فيصلو ٿيندو، انهن جون اپيلون خارج ڪيون ويون آهن، جيڪو به انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ڏٺو ويو ان جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته اسان ان تي اڄ قانونسازي ڪري رهيا آهيون ان ۾ سمورا قدم موجود آهن. هن چيو ته انساني اسمگلنگ جي حوصلا شڪني جي لاءِ اسان کي بطور اسيمبلي ميمبر هڪ قرارداد ايوان ۾ پيش ڪرڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته ان حوالي سان پوري قوم متحد آهي، قانونسازي ٿي رهي اهي، ايف آءِ اي ۾ سڌارا ٿي رهيا آهن. اسلام آباد ۾ سفاري پارڪ جي حوالي سان طاهره اورنگزيب جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد ۾ سفاري پارڪ جي تعمير جي منصوبي جي لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ان جي شروعاتي پلاننگ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ 18 مهينن ۾ اهو منصوبو مڪمل ڪيو ويندو. لوڪل گورنمينٽ سسٽم جي حوالي سان ڊاڪٽر نفيسا شاهه جي ضمني سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قانونسازي ۾ التوا جي ڪري اسلام آباد ۾ مقامي حڪومتن جون چونڊون منعقد نه ٿي سگهيون، اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ بل اڃا به ڪميٽي ۾ آهي، جڏهن هي ايوان قانون جي منطوري ڏيندو ته چونڊون قانون تحت منعقد ٿينديون.