اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته جگيوٽ روڊ ۽ سڪندراعظم روڊ جي حوالي سان معاملا فائنل ٿي چڪا آهن، انهن رستن جي جلد تعمير ڪري عوام جون مشڪلاتون ختم ڪيون وينديون. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ميمبر نزهت صادق جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جگيوٽ ۽ سڪندراعظم روڊ جي حوالي سان اڳ ۾ ئي نوٽيس ورتو ويو آهي، انهن رستن جي تعمير جي حوالي سان معاملا فائنل ٿي چڪا آهن. هن چيو ته انهن رستن جي جلد تعمير ڪري عوام جون مشڪلاتون ختم ڪيون وينديون. هن ٻڌايو ته شاهه الهه ڏته ويجهو رستن جي تعمير جي لاءِ ٺيڪو ڏنو ويو هو، رستي جي تعمير جو ڪاٿو 52 ڪروڙ رپيا لڳايو ويو، ان منصوبي تي 52 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. هن چيو ته فنڊز جي گهٽتائي جي ڪري ڪم ۾ ڪجهه التوا آيو آهي، جيئن ئي فنڊز دستياب ٿيندا نهن کي مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته علي پور فراش ۾ جگيوٽ روڊ جي تعمير 30 جون تائين مڪمل ڪئي ويندي. ٻنهي رستن تي ڪم جاري آهي، فنڊز رکيا ويا آهن.