سيوهڻ شريف- 17 فيبروري (اي پي پي) حضرت لال شھباز قلندر رح جي 773ھين عرس مبارڪ جي ٽن ڏينهن وارين تقريبن جو افتتاح وقتي گورنر ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاھ مزار تي چادر چڙھائي ڪيو.

افتتاح کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ جي وقتي گورنر چيو ته اميد آهي ته عرس مبارڪ جي ٽن ڏينهن وارا پروگرام خير ۽ خوبي سان پنهنجي پڄاڻي تي پهچندا. اويس قادر شاھ چيو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال پانڌيئڙن جو انگ وڌيڪ آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته ڪراچي ۾ ڊمپر جي حادثن تي گهرو وزير جو بيان اچي چڪو آهي ۽ ان لاءِ حڪومت طرفان هدايتون به جاري ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ٽرانسپورٽ وارو وزير شرجيل انعام ميمڻ به گاڏين جي انسپيڪشن جون هدايتون ڏئي چڪو آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته پنجاب جي وزيرن کي چوندس ته توهان پنهنجي صوبي تي ڌيان ڏيو، پهريان اتي لوڪل گورنمينٽ جي چونڊ ڪرايو. هڪ سوال تي هن چيو ته ڇهه ڪينالن جي منصوبي تي چيئرمين صاحب جو واضح بيان اچي چڪو آهي. اويس قادر شاھ وزيراعظم پاڪستان کي گذارش ڪئي ته آئين مطابق 90 ڏينهن ۾ سي سي آءِ جي گڏجاڻي ٿيڻي آهي، مهرباني ڪري جلدي اجلاس طلب ڪيو وڃي. اويس قادر شاھ هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هن هفتي اين ايڇ اي چيئرمين کي لکندس ته اسيمبلي ۾ اچي بريف ڪري ته انڊس هاءِ وي ڇو نه ٺهي رهيو آهي. هن کي اهو جواب ڏيڻو پوندو ته ڇا سبب آهي جو هتي منصوبا دير جو شڪار آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت هر سطح تي عوامي مسئلن لاءِ آواز بلند ڪري رهي آهي. وقتي گورنر چيو ته اڄ هتي ملڪ، قوم ۽ سنڌ جيڪا وَلين جي ڌرتي آهي، لاءِ دعا ڪئي آهي. هن چيو ته سنڌ ترقي ڪندي ته سڄو ملڪ ترقي ڪندو. هن چيو ته گذريل ٽن ڏينهن اوقاف کاتي جو صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي عرس مبارڪ جي انتظامن جو جائزو وٺي رهيو آهي. هن ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري ۽ ايس ايس پي ڄامشورو محمد ظفر صديق چانگا جي عرس مبارڪ دوران بهترين انتظام ڪرڻ سندن جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي.

ان موقعي تي صوبائي وزير اوقاف سيد رياض حسين شاھ شيرازي، صوبائي سيڪريٽري صبغت الله مھر، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري ۽ ايس ايس پي ڄامشورو محمد ظفر صديق چانگا پڻ موجود هئا. ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري وقتي گورنر کي يادگار شيلڊ پڻ پيش ڪئي. سنڌ جي وقتي گورنر غريب ۽ مستحق عورتن ۾ ڪپڙا ۽ تحفا ورهايا.