اسلام آباد-17 فيبروري (اي پي پي) بحرين جي پارلياماني وفد ايوان نمائندگان جي صدر احمد بن سلمان المسلم جي اڳواڻي ۾ پارليامينٽ هائوس جو دورو ڪيو ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، واپاري موقعن ۽ پارلياماني تعاون کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر بحريني پارلياماني وفد جو شاندار استقبال ڪيو ۽ پارليامينٽ هائوس اچڻ تي وفد جو ٿورو مڃيو. بحريني ايوان نمائندگان جي صدر احمد بن سلمان المسلم پارليامينٽ هائوس ۾ شاندار استقبال تي اسپيڪر جو ٿورو مڃيو. احمد بن سلمان المسلم قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ بحرين فرينڊ شپ گروپ جي وقتي ڪنوينر ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر چوڌري محمد شهباز بابر به موجود هو. ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، واپاري موقعن ۽ پارلياماني تعاون کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪ بحرين پارلياماني لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پارلياماني رابطن ۾ واڌ ٻنهي قومن کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان بحرين سان پنهنجن ٻه طرفن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. پاڪستان ۽ بحرين وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي قدرن تي ٻڌل آهن. ٻنهي ڀائر ملڪن ۾ اقتصادي، واپاري ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي هٿي وٺائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. سردار اياز صادق چيو ته ٻئي ملڪ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙائي رکن ٿا، علائقائي ۽ عالمي فورمز تي هميشه هڪٻئي جي موقف جي حمايت ڪئي آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته بحرين ۾ پاڪستانين جو وڏو انگ موجود آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، پاڪستان جي دوري تي آيل بحريني ايوان نمائندگان جي صدر احمد بن سلمان المسلم چيو ته بحرين پاڪستان کي هڪ ڀاءُ ۽ دوست ملڪ تصور ڪري ٿو ۽ پاڪستان جو دورو ڪري انتهائي خوشي محسوس ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ بحرين وچ ۾ لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. بحرين پاڪستان سان پارلياماني، واپاري، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿو. بحرين جي پارليامينٽ پاڪستان جي پارليامينٽ سان آءِ ٽي جي شعبي ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ شاندار استقبال تي قومي اسيمبلي ۽ ان جي ٽيم جو شڪريو ادا ڪيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ بحرين وچ ۾ واپاري رابطن کي وڌيڪ وڌائڻ گهرجي ۽ پاڪ بحرين فرينڊشپ گروپ کي مستحڪم بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان اسلامي ملڪن ۾ هڪ اهم ملڪ تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ بحرين پاڪستان کي قدرجي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته بحرين پاڪستان سان پارلياماني، واپاري ۽ عسڪري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿو. بحرين ۾ رهندڙ پاڪستاني اتي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ خوشگوار ۽ پرامن زندگي گذاري رهيا آهن.