نيويارڪ – 17 – فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ پهچي ويو. هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. اهو اجلاس ”ڊگهي مدي واري نظام کي استعمال ۾ آڻڻ: عالمي گورننس ۾ سڌارا ۽ بهتري“ جي موضوع تي 18 فيبروري 2025ع تي ٿيندو. پرڏيهي آفيس موجب نيويارڪ جي هوائي اڏي تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم، متبادل مستقل نمائندي سفير عاصم احمد ۽ نيويارڪ ۾ قونصل جنرل نائب وزيراعظم جو استقبال ڪيو. هن اهم اجلاس ۾ پرڏيهي وزير عالمي چئلينجز جي حل ۽ ڊگهي مدي واري نظام کي موثر بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. سلامتي ڪائونسل جو هي اجلاس عالمي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سڌارن ۽ بهتر حڪمراني جي قدمن تي ڌيان ڏيندو.