اسلام آباد – 13 – فيبروري (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب ارودان صدر آصف علي زرداري ۽ شهباز شريف کي ترڪيه ۾ تيار ڪيل اليڪٽرڪ ڪار تحفي ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ترڪيه جي صدر رجب طيب ارودان چيو ته ترڪيه ۾ تيار ڪئي ويندڙ اليڪٽرڪ ڪار هو جلد ڀاءُ شهباز شريف کي پيش ڪندو، اها پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مضبوط دوستي جي علامت ثابت ٿيندي ۽ اها اليڪٽرڪ ڪار صدر آصف علي زرداري جي لاءِ پڻ لاڀائتي ثابت ٿيندي.