اسلام آباد – 13 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي ستين اجلاس جي گڏيل پڌرنامي تي صحيحون ڪيون جيڪو ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون کي ظاهر ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهو پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ استريٽجڪ پارٽنرشپ کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ، متنوع ۽ اداراجاتي بڻائڻ جو روڊ ميپ پڻ ڏي ٿو. بيان موجب ڌرين مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ 24 مفاهمت جي يادداشتن، معاهدن ۽ پروٽوڪولز تي پڻ صحيحون ڪيون.