اسلام آباد – 13 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مذهبي معاملن ۽ مذهبي تعليم جي فروغ جي لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٿيون. مذهبي معاملن واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ۽ ترڪيه جي مذهبي معاملن واري وزير ڊاڪٽر علي ارباش ايم او يو تي صحيحون ڪيون. مفاهمت جي يادداشت ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه گڏيل طور تي حج ۽ عمري جي ادائيگي جي لاءِ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻئي ملڪ شدت پسندي، دهشتگردي ۽ فرقيواريت جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي ٺاهيندا. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ جديد موجوده تعليم جي فروغ جي لاءِ عالمن ۽ مدرسن جي شاگردن جي مٽاسٽا کي وڌايو ويندو. مسجدن جي پيش امامن، خطيبن ۽ مبلغين جي لاءِ تربيتي ڪورسز ۽ سيمينارز منعقد ڪيا ويندا ته جيئن انهن کي سائنسي، مذهبي ۽ ثقافتي معاملن بابت آگاهي حاصل ٿئي. پاڪستان ۽ ترڪيه گڏجي بين المذاهب هم آهنگي، عالمي امن جي فروغ ۽ اسلامي دنيا کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٻين مسلمان ملڪن سان تعاون وڌائيندا. اسلامي ثقافت کي ڦهلائڻ ۽ اعتدال پسندي جي تصور کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مسلمان ملڪن سان گڏجي قدم کنيا ويندا. اسلامي ورثي ۽ ثقافت کي زندهه رکڻ ۽ محفوظ رکڻ جي لاءِ ڪتابن ۽ تحقيق جي مٽاسٽا ڪئي ويندي.