اسلام آباد – 12 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽه ملڪي ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ سيريز ۾ قومي ٽيم جي ڏکڻ آفريقا جي خلاف تاريخي فتح تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڪاميابين جو اهو سلسلو جاري رهندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شاندار راند پيش ڪرڻ تي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين سيد محسن رضا نقوي ۽ ٽيم مئنيجمينٽ کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعطم چيو ته محمد رضوان ۽ سلمان آغا شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو، ڪرڪيٽ ٽيم هڪ ڀيرو ٻيهر قوم جي دل کٽي ورتي، هن چيو ته چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ ان اهم فتح سان ٽيم جو مورال بلند ٿيندو، اميد آهي ته ڪاميابين جو اهو سلسلو جاري رهندو.