اسلام آباد – 12 – فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ٽه ملڪي ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ سيريز ۾ ڏکڻ آفريقا جي خلاف پاڪستان جي شاندار ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر بهترين راند پيش ڪرڻ تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستاني رانديگرن ڏکڻ آفريقا جي خلاف بهتر راند جو مظاهرو ڪيو، اميد آهي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم سيريز ۾ ڪاميابين جو سلسلو جاري رکندي.