اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر سيد مير غلام مصطفيٰ شاهه توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري کي هدايت ڪئي ته هو ڄامشورو جينڪو ملازمن جا مسئلا حل ڪري. اسيمبلي جي ميمبر وسيم خان اعتراض واري نڪتي تي ڳالهائيندي چيو ته ڄامشورو جينڪو انتظاميه، بجلي واري سيڪريٽري کي خط لکيو ۽ سي اي او سان به ملاقات ڪئي ۽ سندن علم ۾ آندو ته هڪ کان 15 گريڊ جي ملازمن جي بنيادي پگهار پرفارمنس الائونس عيد الاضحيٰ کان هاڻي تائين ناهي مليو، پگهار ۾ 25 سيڪڙو اضافو به ناهي لڳو. بقايا الائونسز ادا ڪيا وڃن. ڊپٽي اسيپڪر وفاقي وزير کي هدايت ڪئي ته هو وسيم خان جي ڳالهه ٻڌي ۽ ان مسئلن تي غور ڪري. وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته جينڪو زمين بورڊز جو مدو مڪمل ٿي چڪو آهي، هاڻي ان ۾ نئين بورڊز لاءِ وزيراعظم کي خط لکيو آهي نئين بورڊ ٺهڻ کان پوءِ سڀ مسئلا حل ٿي ويندا.