اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) گهرو وفاقي وزير محسن نقوي پاڪستان رينجرز هيڊ ڪوارٽرز سنڌ جو دؤرو ڪيو، ڊي جي رينجرز (سنڌ) ميجر جنرل محمد شمريز رينجرز هيڊ ڪوارٽرز پهچڻ تي وفاقي وزير جي آجيان ڪئي ۽ وفاقي وزير سان رينجرز جي آفيسرن سان تعارف ڪرايو. گهرو وزير شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري، گل رکيا ۽ شهيدن جي ايثال ثواب لاءِ دُعا ڪئي. ان موقعي تي ملڪ جي سلامتي، امن، ترقي ۽ استحڪام لاءِ خاص دُعا ڪئي وئي. گهرو وزير شهيدن کي زبردست لفظن ۾ خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته شهيدن جي عظيم قربانين جو مثال نٿو ملي. شهيد اسان جو سرمايو آهن. وفاقي وزير جي صدارت هيٺ پاڪستان رينجرز (سنڌ) هيڊ ڪوارٽرز ۾ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو. جنهن ۾ ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل محمد شمريز سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گهرو وزير سنڌ رينجرز جي آپريشنل تيارين، اسمگلنگ جي روڪٿام، غير قانوني اسپيڪٽرن خلاف آپريشنز ۽ ڪراچيءَ ۾ امن امان جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻُڌايو ويو ته جنوري کان هاڻ تائين 724 آپريشنز ڪيا ويا، جن ۾ 1133 پيشيور ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث 182 ملزمن کي به گرفتار ڪيو ويو. ان مُدي ۾ 660 ڪلوگرام منشيات قبضي ۾ ورتي وئي. وفاقي وزير سنڌ ۾ دهشتگردي، اسٽريٽ ڪرائم، نان ڪسٽم پيڊ شين جي اسمگلنگ ۽ غير قانوني اسپيڪٽرم خلاف آپريشنز ۾ سنڌ رينجرز جي ڪردار کي ساراهيو. هن اسمگلنگ جي روڪٿام بابت آپريشنز وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڏيندي چيو ته اسمگلرز مافيا جو خاتمو ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ ضروري آهي. محسن نقوي ڪراچيءَ ۾ امن جي قيام لاءِ سنڌ رينجرز جي خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته رينجرز امن امان جي قيام ۾ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته سنڌ رينجرز جي ضرورتن کي پورو ڪيو ويندو.