ڪراچي-11 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سنڌ يونيورسٽيز اينڊ انسٽيٽوٽس لاز ترميمي بل 2025ع تي اعتراض لڳائي ان کي سنڌ اسيمبلي واپس موڪلي ڇڏيو آهي. گورنر اعتراض اٿاريندي چيو آهي ته وفاقي هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي واضح هدايتن تحت وائيس چانسلر هڪ تعليمي ماهر هجڻ لازمي آهي. وفاقي هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي هدايتن تي ٻيا صوبا به عمل ڪري رهيا آهن. پي ايڇ ڊي ڊگري رکندڙ علمي قيادت، تحقيق ۽ انتظامي معاملن تي گهري سمجهه رکن ٿا. بيورو ڪريٽس جي مقرري تعليمي معيار ۽ تحقيق جي ڏس ۾ پوري نه ٿي لهي. بيوروڪريٽس شاگردن، فيڪلٽيز ۽ محققن جون علمي ضرورتون چڱيءَ ريت نه ٿا سمجهي سگهن ان لاءِ کنيل اعتراضن تي نظرثاني ڪئي وڃي.