اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان قطر ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻيون دور دوحه قطر ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ڪئي جڏهن ته قطري وفد جي قيادت قطر جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير سلطان بن سعد المراخي ڪئي. ٻنهي ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو جن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ سياسي، اقتصادي، قونصلر ۽ عوام سان عوام جا رابطا شامل آهن. هن علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ تعاون ۽ مشاورت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين ٻطرفي لاڳاپن ۾ اضافي جي رفتار ۽ اعليٰ سطح جي دورن ۽ مٽاسٽا جي رفتار کي تسليم ڪندي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. پاڪستان قطر ٻطرفي سياسي مشاورت جو اڳيون دور اسلام آباد ۾ گڏيل طور تي طئي ٿيل تاريخن تي ٿيندو.