لزبن – 10 – فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پرنس رحيم الحسيني سان ملاقات ڪري سندس والد پرنس ڪريم آغا خان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته پوري قوم هڪ سچي دوست ۽ عظيم انسان دوست شخصيت کان محروم ٿيڻ تي سوڳوار آهي، مرحوم آغا خان سان ذاتي تعلق هو، لاڏاڻي سان گهرو صدمو پهتو. صدر آصف علي زرداري مرحوم آغا خان جي پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ ڪردار کي ساراهيندي چيو ته مرحوم آغا خان جي دورانديش قيادت پاڪستان ۽ دنيا جي ٻين خطن ۾ ماڻهن جي زندگين کي بهتر ڪيو. هن ٻڌايو ته چين جي سرڪاري دوري دوران آغا خان جي لاڏاڻي جي خبر ملي، مرحوم آغا خان جي انسان دوستي ۽ انسانيت جي لاءِ سڄي زندگي جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لزبن آيو آهيان، انسانيت جي لاءِ مرحوم آغا خان جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. صدر آصف علي زرداري اميد ظاهر ڪئي ته پرنس رحيم الحسيني انسانيت جي خدمت جي پنهنجي والد جي مشن کي جاري رکندو. صدر آصف علي زرداري پرنس ڪريم آغا خان مرحوم جي لاڏاڻي تي تعزيت ۽ کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ لزبن جي دوري تي آهي. مرحوم آغا خان پنهنجي زندگي خلق جي خدمت ۽ ماڻهن جي ڀلائي جي لاءِ وقف ڪئي. صدر جو دورو پاڪستان ۽ آغا خان خاندان جي وچ ۾ گهري ۽ پائيدار دوستي ۽ پرنس ڪريم آغا خان جي ميراث جي پائيدار اثرن کي اجاگر ڪري ٿو.