اسلام آباد- 10 فيبروري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي رپورٽ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهي جڏهن ته اتر اولهندي بلوچستان، مٿانهين خيبر پختونخوا، راولپنڊي ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات ٿي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ۾ ڪاٽو 06، گوپس ۾ ڪاٽو 05، اسڪردو، استور، پاراچنار ۾ ڪاٽو 04، بگروٽ، هنزه ۾ ڪاٽو 02 ۽ ڪالام ۾ ڪاٽو 01 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.