لاهور- 10 فيبروري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان نئين اُڏام ڀرڻ لاءِ تيار، دستياب وسيلن کي ڪتب آڻڻ لاءِ گڊ گورننس ضروري آهي، پاڪستان ۾ صلاحيتن ۽ وسيلن جي ڪا کوٽ ناهي، ملڪي ترقيءَ لاءِ پاليسين جو تسلسل ضروري آهي، ڀرپور محنت ڪري 77 سالن جي نقصان کي پورو ڪرڻو پوندو، ادارن ۾ بهتريءَ لاءِ سڌارا اڻٽر، جديد ٽيڪنالاجيءَ کي اختيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ جلد ملڪ کي عالمي معاشي طاقت بڻائينداسين. اهڙو اظهار هن نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي (اين ايس پي پي) ۾ رياستي ملڪيتي انٽرپرائزز (ايس او ايز) جي ڊائريڪٽرز جي 3 ڏينهن واري ٽريننگ پروگرام جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب دوران ڪيو. وفاقي وزير چيو ته رياستي ملڪيتي انٽرپرائزز جي اڳواڻيءَ کي پيشور بڻائڻ ۽ ڪارڪردگيءَ کي وڌائڻ لاءِ ڊائريڪٽرز ٽريننگ پروگرام (ڊي ٽي ايس) جو بندوبست اهم اڳڀرائي آهي جنهن تي نيشنل پبلڪ آف پاليسي ۽ ايگزيڪيوٽو ڊولپمينٽ انسٽيٽيوٽ جي انتظاميه کي مبارڪون ڏيان ٿو، ان سان ملڪي عوامي شعبي جي گورننس ۾ بهتري ايندي ۽ ايس او ايز کي عالمي طريقن سان هم آهنگ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ايس او ايز اهم ملڪي اقتصادي اثاثا آهن جيڪي توانائي، ٽرانسپورٽيشن، ماليات ۽ـ عوامي خدمتون فراهم ڪن ٿا، ملڪ ۾ هن وقت 212 فعال ايس او ايز آهن پر ان جي مالي ڪارڪردگي عالمي معيار جي ڀيٽ ۾ ڪمزور آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت گورننس ۽ آپريشنز ايڪٽ 23ع متعارف ڪرايو، جنهن جو مقصد شفافيت، احتساب جي فريم ورڪ کي مضبوط ڪرڻ ۽ مالي بي ضابطگين کي گهٽ ڪرڻ آهي جيڪي مالي بار جو سبب بڻجن ٿا، انهن قدمن سان اسان جو مقصد پنجن سالن ۾ ايس او ايز بابت مالي نقصانن کي 30 سيڪڙو تائين گهٽ ڪرڻ ۽ ملڪي اقتصادي ترقيءَ ۾ ان جي حصيداري کي وڌائڻ آهي. اميد آهي ته ايندڙ 3 سالن ۾ ايس او ايز جي ڪارڪردگيءَ ۾ 20 کان 25 سيڪڙو بهتري ايندي. وفاقي وزير چيو ته ضروري ٿيو ته ڪمزور ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ايس او ايز جي نجڪاري ۽ نئين سر تنظيم سازي ڪئي ويندي، عوامي ۽ نجي شرڪتداريون (پي پي پي) جو قيام به عمل ۾ آندو ويندو ته جيئن ان ايس او ايز جي آپريشنل ڪارڪردگيءَ کي بهتر بڻائي سگهجي. احسن اقبال چيو ته مان پاڻ به ايس او ايز ۾ ڪم ڪري چڪو آهيان، مناسب گورننس جي تربيت سان ايس او ايز ۾ لاڳت جي بچت، خدمتن جي فراهميءَ ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي، ان حوالي سان هن واقعو بيان ڪندي چيو ته 1986ع ۾ جڏهن گيهه ڪارپوريشن پاڪستان تي نجي شعبي تيز رفتار ترقيءَ جو دٻاءُ هو، اسان هن وقت جي گيهه ڪارپوريشن جي چيئرمين ڊاڪٽر حسن جي اڳواڻيءَ ۾ بهتر حڪمت عملي ۽ گورننس سان ڪارپوريشن کي صرف 6 مهينن جي مختصر مُدي ۾ ڪاميابيءَ سان ٻيهر منظم ڪيو، اها حڪمت عملي هاڻ لاهور يونيورسٽي آف مئنجمينٽ سائنسز (لمز) ۾ هڪ ڪيس اسٽڊي طور پڙهايو وڃي ٿو، عوامي شعبو هجي يا نجي شعبو ان جي ڪاميابي ان ڳالهه تي ٻَڌل آهي ته اوهان ان اداري کي ڪهڙيءَ طرح هلايو ٿا، جيڪڏهن صحيح طريقي سان هلايو وڃي ته عوامي شعبو نجي شعبي کان وڌيڪ اعتماد حاصل ڪري سگهي ٿو. پروفيسر احسن اقبال چيو ته ملڪي ترقي لاءِ پاليسين جو تسلسل ضروري آهي، ملڪ کي تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ قوم جي حيثيت سان پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، نه ته تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ صلاحيتن ۽ وسيلن جي ڪا کوٽ ناهي، اسان وٽ قيمتي اثاثن جي صورت ۾ قابل نوجوانن جو وڏو انگ موجود آهي، جيڪي ملڪ جي تقدير بدلائڻ جي صلاحيت رکن ٿا. هي سوچڻو پوندو ته اسان کان ترقيءَ ۾ پٺتي پيل خطي جي ڪيترائي ملڪ اڄ اسان کان اڳتي نڪري ويا آهن، اسان ايٽمي پاور هئڻ باوجود مشڪلاتن ۾ ڇو ورتل آهيون، ان تي غور ڪرڻ ضروري آهي. ٻي صورت ۾ ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ اسان تمام گهڻو پوئتي رهجي وينداسين، اسان کي پنهنجي ڪمزورين جو ادارڪ ڪرڻو پوندو، دنيا اسان کي محنتي ۽ ذهين قوم سمجهي ٿي، اسان کي پنهنجي وڏڙن جي نظرين ۽ سوچ کي برقرار رکندي پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻو پوندو، اسان کي قوم جي حيثيت سان گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته چئن سببن تي غور کانسواءِ ان جو حل نٿو نڪري سگهي. پهريون امن کان سواءِ ترقي ممڪن ناهي، ٻيو ڪنهن به ملڪ ۾ سياسي استحڪام پائيدار ترقيءَ لاءِ اڻٽر آهي. ٽيون پاليسين جو تسلسل ملڪي ترقيءَ لاءِ سڀ کان ضروري آهي ۽ـ چوٿون حڪومتن جي تبديليءَ سان پاليسين جي تسلسل ۾ فرق نه پوڻ گهرجي. احسن اقبال چيو ته ترقي يافته ملڪ پاليسين جي تسلسل سان ئي دنيا ۾ پنهنجو مقام قائم رکيو ويٺا آهن، اتي حڪومت ڪابه اچي ملڪي ترقيءَ جي پاليسين تي عملدرآمد ۾ ڪابه رڪاوٽ نٿي اچي، اسان کي به پنهنجي ملڪ ۾ پاليسين جي تسلسل کي جاري رکڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته اسان ڊجيٽل ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي انقلابي دؤر مان گذري رهيا آهيون. زراعت جي ترقي، پاڻي جي وسيلن ۽ زرعي جنسن سميت ٻين شعبن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته تيزيءَ سان وڌندڙ آبادي به هڪ وڏو چئلينج آهي، هاڻوڪي آدمشماريءَ ۾ آباديءَ جو تناسب 2.0 کان وڌي 2.55 سيڪڙو ٿي وئي، اسان دنيا جو پنجون وڏو آباديءَ وارو ملڪ بڻجي ويا آهيون، اهو حال رهيو ته ايندڙ 25 سالن ۾ اسان جي آبادي 40 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ٿي ويندي. ملڪي وسيلا سڪڙجي رهيا آهن، زراعت، فوڊ سيڪيورٽي تي دٻاءُ آهي، اسان جي انفراسٽرڪچر جي ضرورت ڪيترائي ڀيرا وڌي وئي آهي، اسان کي موجوده وسيلن کي ڪتب آڻڻ لاءِ آباديءَ ۾ واڌ کي روڪڻو پوندو، اسان کي پنهنجي رفتار کي ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ تيز ڪري 77 سالن جو نقصان پورو ڪرڻو آهي. هن چيو ته دستياب وسيلن کي ڪتب آڻڻ لاءِ گڊ گورننس به تمام ضروري آهي. گڊ گورننس جا سمورا هدف حاصل ڪرڻ ۾ سڀ کان اهم جُز آهي، سمورن چئيلنجز باوجود نيڪ نيتيءَ سان ملڪي ترقيءَ لاءِ ڏينهن رات جاکوڙي رهيا آهيون. اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ملڪ ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿي ويندو. هن آفيسرن کي چيو ته هو ان تربيتي پروگرام ۾ ڀرپور حصو وٺن، پنهنجي تنظيمن ۾ مضبوط گورننس جي فريم ورڪ کي لاڳو ڪن ته جيئن ڪارپوريٽ گورننس ۽ مالي نظم ۽ ضبط ۾ بهتري آڻيندي ان ايس او ايز کي مالي بار کان قومي اثاثن ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. حڪومت انهن سڌارن کي مڪمل طور سپورٽ ڪرڻ ۽ انهن تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي ته جيئن ايس او ايز اقتصادي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن، ان موقعي تي ڊين ايگزيڪيوٽو ڊولپمينٽ انسٽيٽيوٽ نيشنل اسڪول آَ پبلڪ پاليسي احمد نذير وڙائچ خاص مهمان کي سووينيئر پيش ڪيو.