ڪراچي- 10 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته پي ٽي آءِ باني جا الزام احتساب کان بچڻ ۽ سياسي عدم استحڪام کي ھوا ڏيڻ لاءِ جاري مھم جو حصو آھن، سموريون آئيني ترميمون جمھوري عمل مان گذرنديون آھن، ججن جي حوالي سان باني پي ٽي آءِ جا الزام گمراھ ڪندڙ آھن، پي ٽي آءِ باني پاڻ 2018ع ۾ اليڪٽورل انجنيئرنگ جي الزامن دوران اقتدار ۾ آيو. آرمي چيف جي نالي باني پي ٽي آءِ جي کليل خط تي ردعمل جو اظھار ڪندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ باني پنھنجي اقتدار دوران ثاقب نثار کي استعمال ڪيو، افسوس جي ڳالھه آھي جو اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار پي ٽي آءِ باني لاءِ ھڪ ڪارڪن طور ڪم ڪيو، خان ۽ ثاقب نثار جي ڳٺ جوڙ کي عوام اڃا تائين وساري نه سگھي آھي، ثاقب نثار جھڙي ريت پي ٽي آءِ باني جي ڪارڪن طور ڪم ڪيو، اُن جو مثال پاڪستان جي تاريخ ۾ نھ ٿو ملي. ھن چيو تھ عوامي حمايت وڃائڻ بعد پي ٽي آءِ باني جمھوري عمل کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي، پنھنجي حڪومتي دور ۾ پي تي آءِ باني عدليه تي غير ضروري اثر وجھڻ جي ڪوشش ڪئي، سندس ھاڻوڪيون شڪايتون منافقاڻيون آھن. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ذاتي سياسي فائدي لاءِ رياستي ادارن کي بدنام ڪرڻ غير ذميوراڻو ۽ قومي استحڪام لاءِ ھاڃيڪار آھي، پي ٽي آءِ باني جمھوري ادارن جو احترام ڪري ۽ ڪوڙو بيانيو ڦھلائڻ کان پاسو ڪري. ھن وڌيڪ چيو تھ پاڪستان کي ذاتي رنجشن جي ڪري تفرقي بازي تي ٻڌل بيان بازي جي نه پر سياسي پختگي ۽ مضبوطي جي ضرورت آھي.