اسلام آباد- 10 فيبروري (اي پي پي) واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان بيلاروس پھچي ويو، جتي بيلاروس جي توانائي بابت نائب وزير هوائي اڏي تي سندس آجيان ڪئي. جاري پڌرائي مطابق ھو پنھنجي دوري دوران، واپار واري وزير، بيلاروس جي توانائي واري وزير سان گڏجي پاڪستان-بيلاروس گڏيل وزارتي ڪميشن جي اٺين اجلاس ۾ گڏيل صدارت ڪندو. اھو اجلاس ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي سھڪار کي ھٿي ڏيڻ لاءِ ھوندو. واپار واري وزير جون دوري دوران بيلاروس جي پرڏيھي وزارت، توانائي واري وزارت ۽ زراعت ۽ خوراڪ واري وزارت جي اڳواڻن سان اھم ملاقاتون پڻ شامل آھن. ان دوران واپاري معاھدي تي صحيحين جي تقريب به ھوندي. ان کان علاوه واپار واري وزير جي اعزاز ۾ ھڪ استقبالي تقريب جو پڻ انتظام ڪيو ويندو جتي پاڪ-بيلاروس واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.