اسلام آباد- 10 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي ٽيمن وچ ۾ ٽه ملڪي ون ڊي سيريز جي ٽئين ميچ 12 فيبروري تي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽه ملڪي سيريز جي ٽئين ميچ ڊي اينڊ نائٽ هوندي. نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا جون ڪرڪيٽ ٽيمون اڄ ڪلهه پاڪستان جي دوري تي آهن جتي ٽنهي ٽيمن وچ ۾ ٽه ملڪي ون ڊي سيريز کيڏي پئي وڃي. پاڪستاني ٽيم جي قيادت مشهور وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان ڪندو جڏهن ته ڏکڻ آفريقا جي ٽيم کي ٽيمبابووما ليڊ ڪندو. ٽه ملڪي ون ڊي سيريز جي بهترين پوائنٽس وارين ٻن ٽيمن وچ ۾ ٽه ملڪي ون ڊي سيريز جي فائنل ميچ 14 فيبروري تي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، ڪراچي ۾ کيڏي ويندي.