اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پرتگال جي دوري دوران ترڪيه ۾ مختصر قيام ڪيو ۽ صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب استنبول ايئرپورٽ تي صدر آصف علي زرداري ترڪيه جي هم منصب صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪئي. ترڪيه جي پرڏيهي وزير حاڪان فدان صدر جو استقبال ڪيو. ٻنهي ملڪن جي صدرن ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر آصف علي زرداري پرنس ڪريم آغا خان جي لاڏاڻي تي افسوس جي اظهار جي لاءِ هن وقت پرتگال جي دوري تي آهي.