اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملائيشيا جي پرڏيهي وزير داتوسيري اتامه حاجي محمد بن حاجي حسن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. پريهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن وچ اوڀر جي خطي جي تازي صورتحال خاص طور تي غزه ۾ انساني بحران تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم فلسطيني عوام ۽ انهن جي منصفاڻي مقصد جي لاءِ پاڪستان جي مستقل حمايت جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ان فوري مسئلي تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو غيرمعمولي اجلاس گهرائڻ جي لاءِ پاڪستان جي حمايت کان پڻ آگاهه ڪيو.