راولپنڊي-07 فيبروري (اي پي پي) بچاءَ ۽ دفاعي پيداوار واري وزير خواجه محمد آصف سان بنگلاديش جي بحريه جي سربراهه ايڊمرل ايم نظم الحسن ملاقات ڪئي. بچاءَ واري وزير معزز مهمان جو شاندار استقبال ڪيو ۽ـ چيو ته پاڪستان، بنگلاديش سان پنهنجن ناتن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. ايڊمرل ايم نظم الحسن بنگلاديش جي عوام طرفان پرخلوص جذبن جو اظهار ڪيو ۽ خاص طور تي ٻنهي بحري فوجن وچ ۾ متحرڪ دفاعي سهڪار لاءِ خواهش جو اظهار ڪيو. ڳالهه ٻولهه ٻه طرفي دفاعي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي ٻَڌل هئي.