اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ هنگري جو اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ گڏيل ورڪنگ گروپس جي قيام تي اتفاق ڪيو آهي. اها ڳالهه ٻنهي ملڪن جي اقتصادي تعاون بابت گڏيل ڪميشن (جي سي اي سي) جي ٻن ڏينهن واري اجلاس کان پوءِ جاري ٿيل پڌرائيءَ ۾ چئي وئي. جي سي اي سي جو ٽيون ٻن ڏينهن وارو اجلاس ڪالهه هتي ڪاميابيءَ سان مڪمل ٿي ويو. پاڪستان جي اقتصادي معاملن واري وزارت جي وفاقي سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز ۽ هنگريءَ جي بچاءَ واري وزارت جي ڊپٽي منسٽر تمس ورغا اجلاس جي گڏيل صدارت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف شعبن ۾ اقتصادي، واپاري ۽ فني سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس دوران واپار ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ گڏيل ورڪنگ گروپس جي قيام تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻُڌايو ويو ته هنگري جي ايڪسپورٽ پروموشن ايجنسي پاڪستان ۾ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي ترقيءَ لاءِ مدد فراهم ڪندو. ٻئي ملڪ گڏيل سيڙپڪاري جي تحفظ جي معاهدن کي اڳتي وڌائڻ ۽ زراعت، توانائي، صحت، آءِ ٽي ۽ صنعتي مينيوفيڪچرنگ سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل منصوبن جا موقعا تلاش ڪرڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اجلاس ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۽ هنگرين انويسٽمينٽ پروموشن ايجنسي ذريعي تعاون وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ زراعت جي شعبي ۾ سهڪار کي خاص اهميت ڏني وئي جنهن تحت هنگري جي يونيورسٽي آف ايگريڪلچر اينڊ لائف سائنس، پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل سان تحقيق ۽ جديد زرعي طريقن کي اختيار ڪرڻ ۾ تعاون جي اڇ ڪئي. اجلاس ۾ آبي وسيلن جي نظم ۽ ترتيب ۽ موسمياتي موزونيت ۽ پائيداريت تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. اجلاس ۾ صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ به ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ اسٽينڊيم هنگري ڪم اسڪالرشپ پروگرام کي هٿي وٺرائڻ ۽ صحت جي شعبي ۾ نواڻ تي پڻ توجهه ڏني وئي. ٻنهي ملڪن گڏيل عملدرآمد ڪميٽيون ۽ فني ورڪنگ گروپس قائم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ته جيئن انهن منصوبن تي مؤثر عملدرآمد کي يقيني بنائي سگهجي. اجلاس ۾ توانائيءَ جي شعبي ۾ سهڪار جو به جائزو ورتو ويو جنهن تحت آئل اينڊ گيس ڊولپمينٽ ڪمپني ۽ هنگري جيموڪل گروپ وچ ۾ حصيداري جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو. ڊاڪٽر ڪاظم نياز اجلاس جي اهميت تي روشني وِجهندي چيو ته اجلاس ٻه طرفن ناتن کي مضبوط ڪرڻ ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جو هڪ بهترين موقعو فراهم ڪيو آهي. هن چيو ته اسان انهن قدمن کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهيون ته جيئن ٻنهي ملڪن کي ان جا عملي فائدا حاصل ٿين. هنگري جي ڊپٽي منسٽر به گڏيل تعاون خاص ڪري ٽيڪنالاجي، توانائي ۽ ڊجيٽلائيزيشن جي شعبن ۾ سهڪار کي فائدن تي زور ڀريو. هن چيو ته هنگري پاڪستان سان گڏ پنهنجي اسٽريٽجڪ ناتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ خاص طور تي هاءِ ٽيڪ انڊسٽريز، توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل منصوبن جي ترقي لاءِ پُرجوش آهي. گڏيل ڪميشن ان هدف کي حاصل ڪرڻ جو هڪ اهم پليٽ فارم آهي. ٻئي ملڪ اقتصادي تعاون بابت گڏيل ڪميشن جو چوٿون اجلاس هنگري جي گاديءَ واري هنڌ بڊاپسٽ ۾ منعقد ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ڌُرين پاڪستان ۽ هنگريءَ وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ، جدت کي هٿي يڏڻ ۽ مستقبل ۾ نَون شعبن ۾ تعاون جا موقعا تلاش ڪرڻ جي عزم کي ورجايو.